سائفر ڪيس، عمران خان جي ضمانت درخواست تي وفاق ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل هئا. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر جي بغير نوٽيس جي پيش ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي ڪنهن سڏيو، واپس وڃو ۽ ويهي رهو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي وفاق ۽ ايف آءِ اي سميت سمورن ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.