ڪراچي (رپورٽر) ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جي فيصلي ۽ رحيم شاھه جي سزا توڙي آزادي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي، ارشاد رانجھاڻي جي وارثن قتل ڪيس جي فيصلي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو قانون موجب غلط آھي، قتل ڪيس مان رحيم شاھه، ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي، انسپيڪٽر رياض عامر جي سزا کي غط سمجھون ٿا، مقتول جي وارثن موقف اختيار ڪيو ته رحيم شاھ کي گھٽ ۾ گھٽ 10 سال سزاملڻ گھرجي ھا پر 6 سال سزا ڏئي کيس رليف ڏنو ويو آھي، وڪيل محمد خان شيخ چيو ته ارشاد رانجھاڻي جي وارثن سان انصاف ناھي ڪيو ويو، ارشاد رانجھاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن، سنڌ ھاءِ ڪورٽ 28 نومبر تي ڪيس جي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي.