پي ٽي آءِ چيئرمين جي تقرير تي پابندي جو پيمرا جو حڪم نامو بحال

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شفيع صديقي جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ تحريڪ انصاف چيئرمين جي ميڊيا تي نشر  ڪيل تقرير جي فيصلي جي  خلاف پيمرا جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، چيئرمين پي ٽي آءِ جي تقرير تي پابندي جو پيمرا جو حڪم نامو بحال ڪري ڇڏيو آهي،  پيمرا جي فيصلي کي تحريڪ انصاف پاران 31 مئي 2023 جي نوٽيفڪيشن کي سنگل بينچ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو، سنگل  بينچ پيمرا جي 31 مئي 2023 جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي تقرير تي پابندي واري پيمرا جي حڪم نامي کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.