پراڻن سرڪاري ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائينداسين: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته هو پراڻي ۽ زبون حال مارٽن،  ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي خوبصورت ٺهيل ٽاورن ۾ بهترين رهائش فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان جو مقصد اربن ريجوينيشن پروجيڪٽ شروع ڪرڻ آهي جنهن جو مقصد پراڻن ڪوارٽرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ ۽ مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن جي خالي زمين تي ٽاور تعمير ڪرڻ آهي. علائقي جي خوبصورتي کي قائم رکڻ لاءِ رهائشي ۽ ڪمرشل ٽاورن جي تعمير جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، ڊي جي ڪي ڊي اي طاهر سانگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته منصوبي جو مقصد هتان جي رهواسين جي پراڻن، غير محفوظ ڪوارٽرن کي جديد ٽاورز ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ عوامي هنڌن ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.