خرم ڪاظمي گمشدگي ڪيس، ايس ايس پي سي ٽي ڊي عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهري خرم ڪاظمي جي گم ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس ايس پي سي ٽي ڊي کي ذاتي  حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، درخواستگذار مسمات شميم فاطمه جو موقف آهي ته 16مارچ تي جعفرطيار سوسائٽي مان خرم ڪاظمي کي حراست ۾ ورتو ويو، اڃان تائين ان جي خبر ناهي، سرڪاري وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿي چڪو آهي ڪوششون جاري آهن، جسٽس امجد علي سهتو سخت ڪاڙو جو اظهار ڪندي چيو ته ان ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي ضرورت نه آهي، شهري کي فوري واپس ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.