لاهور ( م ڊ ) مشهور قانوندان ۽ پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا اهڙيون ڳالهيون 6 سال اڳ ڪري ها ته اهميت هجي ها.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته 9 مئي جي ڪجهه جوابدارن چيو ته کين فوجي عدالتن تي يقين آهي، اهي بيان اغوا عيوض ڀنگ جو اشارو آهن. هن چيو ته جيل ۾ ٽرائل ماضي جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن هڪ ماڻهو کي سيڪيورٽي نه ٿا ڏئي سگهو ته 24 ڪروڙ ماڻهن کي سيڪيورٽي ڪيئن ڏيندئو؟ هن چيو ته عمران خان جو ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿيڻ گهرجي، جيل ۾ ٽرائل نٿو ٿي سگهي.