ڪراچي (رپورٽر ) نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڪارڪردگي کي ناقص قرار ڏيندي چيو آهي ته هو لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي مان مطمئن ناهي، کاتي ۾ بهتري نه آندي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، پي اينڊ ڊي چيئرمين شڪيل مڱڻيجو ، ناڻي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري حفيظ سيال سميت مختلف ڪامورن شرڪت ڪئي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته لائيو اسٽاڪ ملڪ جي ،جي ڊي پي ۾ 14 ڏهائي 36 سيڪڙو ڏئي ٿو، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 50 ڏهائي 347 ملين چوپايو مال آهي جيڪو ملڪ جو 23 سيڪڙو ٿئي ٿو، سنڌ جي سامونڊي پٽي 350 ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي تقريبن 20 لک ماڻهو فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ تي گذر سفر ڪن ٿا. نگران وڏي وزير چيو ته جانورن جي اسپتالن کي بهتر ڪيو وڃي هو لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي، سندس چوڻ هوته لائيو اسٽاڪ کي 4 ڊي جيز آهن پر هڪڙو به ڪم نه ٿو ڪري، نگران وڏي وزير چيو ته جيستائين انسپيڪشن نه ٿيندي تيستائين جانورن جي اسپتالن ۽ پولٽري ۾ بهتري نه ايندي، نگران وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته مون کي فش هاربر، لائيو اسٽاڪ ، پولٽري ۽ ماهيگيري ۾ بهتري آڻي ڏيکاري وڃي جيڪڏهن بهتري نه آئي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.