گڏيل قومون(م ڊ)گڏيل قومن جي اداري يونيسيف خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ ٻارڻ ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ موذي بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو آهي، يونيسيف جي ترجمان جيمز ايلڊر چيو آهي ته هن وقت غزه ۾ پاڻي جي شديد کوٽ واري صورتحال آهن. ممڪنه بيمارين سبب ٻارن جي متاثر ٿيڻ جو وڌيڪ خدشو آهي، غزه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب گدلاڻ جي صفائي پڻ ناممڪن ٿي رهي آهي.
-
ڪانگو فوج ۾ ڀرتي مهم دوران ڀاڄ سبب 37 ڄڻا فوت
ڪنشاسا(م ڊ) ڪانگو جي گادي واري هنڌ ڪنشاسا جي اسٽيديم ۾ فوج ۾ ڀرتي دوران ڀاڄ سبب 37 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن . برطانوي نشرياتي اداري موجب ڪانگو جي پبلڪ پراسيڪيوٽر اوڪونگا ڪالا ٻڌايو ته گذريل هفتي ڪانگو فوج 18 کان 25 سالن جي عمر جا 1500 ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو ڪجهه ماڻهن اسٽيڊيم جي دروازي سان زبردستي اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري ڀاڄ ٿي.
-
18هين ترميم بعد گورنر وٽ ڪو به اختيار ناهي پر مايوس ناهيان ٿيو: ڪامران ٽيسوري
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته واپاري برادري جو نه رڳو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي پر انهن ٽيڪس ادا ڪري پنهنجو قومي فرض پورو ڪيو آهي، تاباني گروپ جي استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته حڪومتن جو اهو فرض آهي ته هو واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن، ڪاروباري فرد جي ناتي مان توهان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آھيان، انشاءُ الله ايندڙ ڪجهه وقت ۾ پاڪستان ٻين ترقي ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ھوندو، اسان کي سٺي نيت سان گڏ سٺو رستو ڪڍڻو آھي، 18هين ترميم کانپوءِ گورنر وٽ ڪو به اختيار ناهي، پر مان مايوس نه ٿيو آهيان، اسان سڀني کي پنهنجي ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي اچو واعدو ڪيون ته نيڪ نيتي ۽ جذبي سان ملڪ قوم جي خدمت ڪنداسين تمام جلد اسان جو ملڪ ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿيندو.
-
مدد علي سنڌي سان امام خطيب مسجد الحرام جي ملاقات
اسلام آباد(م ڊ)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته سعودي عرب لاءِ پاڪستاني عوام جي محبت ۽ احترام جي ڪابه حد ناهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا پاڪستان جو سڀ کان مضبوط رشتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن امام خطيب مسجد الحرام ڊاڪٽر صالح بن عبدالله الحميد سان ملاقات دوران ڪيو. مدد علي سنڌي امام ڪعبه جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻئي ملڪ ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ 30 هزار مدرسا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن .
-
شيرين مزاري جي درخواست تي فيصلو محفوظ
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اربع ڏينهن هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوري اسلام آباد ۾ ڪيترن ماڻهن تي ڪرمنل ڪيس آهن، صرف شيرين مزاري جو نالو ڇو شامل ڪيو ويو؟