بحريا ٽائون ڪيس، مشرق بئنڪ پاران سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع

اسلام آباد ( م ڊ ) بحريا ٽائون ڪراچي ڪيس ۾ 190 ملين پائونڊ جي ادائيگي بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي، بحريا ٽائون ڪيس ۾ مشرق بئنڪ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، مشرق بئنڪ اين سي اي جو 2019 ۾ لکيل خط به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو آهي.  اين سي اي خط موجب برطانوي جج اڪائونٽس فريزنگ آرڊر ڪالعدم قرار ڏنا ها. مشرق بئنڪ جواب ۾ چيو ويو آهي ته اڪائونٽ هولڊر نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي چوڻ تي نه پاڻ رقم پاڪستان موڪلرائي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 190 ملين پائونڊ ملڪ رياض جي گهرڀاتي جي هدايت تي پاڪستان منتقل ٿيا. مشرق بئنڪ جواب ۾ چيو ته تاثر درست نه آهي ته رقم پاڪستاني حڪومت لاءِ ضبط ڪئي وئي هئي.اهيو تاثر به درست ناهي ته رقم ضبط ڪري پاڪستان موڪلي وئي هئي.دستاويزن مان الزامن ۽ پروپيگنڊا جي ترديد ٿئي ٿي. بئنڪ جي جواب موجب ڪاغذن مان ثابت ٿئي ٿو ته رقم پاڪستاني حڪومت لاءِ ضبط نه ڪئي  وئي هئي. دستاويزن مان ثابت ٿيو ته 190 ملين پائونڊ بحريا ٽائون لاءِ استعمال ٿيڻا هئا. لنڊن ۾ ڪيس کٽڻ ۽ ڪليئرنس کانپوءِ رقم ملڪ رياض جي گهرڀاتي جي هدايت تي پاڪستان منتقل ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.