اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير وقار احمد خان پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ اڳوڻي وفاقي وزير وقار احمد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي امير مقام چيو آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ سڄي ملڪ جا سياستدان ن ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. امير مقام جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه مان وڌيڪ ڪيترائي نالا ن ليگ ۾ شامل ٿيندا. ان موقعي تي وقار احمد خان چيو ته ڊار صاحب جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن وٽ بهترين معاشي ٽيم آهي.