وفاق کي مضبوط ڪرڻ ترجيح آهي: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عوام کي مهانگائي کان بچائڻ پهرين ترجيح آهي. شهباز  شريف سان اڳوڻي سينيٽر وقار احمد ۽ مسلم ليگ ن ڪي پي ڪي جي صدر امير مقام ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چونڊن جي تيارين بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته معاشي خود انحصاري لاءِ سياسي استحڪام ۽ قومي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوام کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ قومي ايجنڊا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.