بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي ڪيس ۾ وزيراعظم ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت طلب

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگرد بازياب نه ٿيڻ تي وزيراعظم کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي،عدالت طرفان دفاع واري ۽ گهرو وزير ۽ سيڪريٽرين کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل وزارتي ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران مارڪس  ڏنا ته ڇا گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ جو معاملو گڏيل قومن ڏانهن اماڻيون؟ ڇا پنهنجي ئي ملڪ جي بي عزتي ڪرايون؟ وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪنداسين، دفاع، گهرو معاملن ۽ انساني حقن جي وزيرن کي گهرائينداسين،دفاع واري وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته استدعا ڪيون ٿا ته دفاع واري وزير کي نه گهرايو وڃي، عدالت چيو ته اسان اسلام آباد ۾ ويهي انساني حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون،جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته 7 ڏينهن جو وقت ڏيان ٿو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي تي عمل ڪيو، گهرو وزير ۽ دفاع واري وزير کي چئو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿين، انهن جي پيشي سان ڪو به فرق نٿو پوي، اها ڪا راڪيٽ سائنس ناهي، جن کي گهرائي رهيا آهيون،7 ڏينهن جو وقت ڏيان ٿو، عملدرآمد ڪرايو، گم ٿيل 55 بلوچ شاگردن کي پيش ڪيو نه ته وزيراعظم پيش ٿئي،هن چيو ته اسان ملڪ جي وزيراعظم کي معاملو موڪليو هو، وزيراعظم کي احساس هئڻ گهرجي ها، اسان سمجهيو ته هو اچي چوندو ته اهي اسان جا ٻچا آهن، جيڪڏهن انهن خلاف ڪو ڪرمنل ڪيس هو ته رجسٽرڊ ڪن ها، توهان رپورٽ پڙهو ،جيڪا اسان کي پيش ڪئي وئي آهي،هن چيو ته اڄ ايڪويهين ٻڌڻي تي به اسان ان جاءِ تي ئي بيٺا آهيون، اسان سمجهيو ته آهستي آهستي شيون تبديل ٿينديون ۽ ماڻهو واپس اچي ويندا، عدالت چيو ته اها رياست جي ذميواري آهي ۽ هئي ته رياست چوي ته هاڻي اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ آهن، اسان به گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهو ڏسي رهيا آهيون، عدالت چيو ته نگران وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪنداسين، نگران گهرو وزير،انساني حقن واري وزير ۽ وزيردفاع کي به گهرائينداسين، اهو ڪم ايگزيڪيٽو جو هو پر اهو ڪم عدالت ڪري رهي آهي،  ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.