ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سنڌ جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن کي سنڌ حڪومت طرفان مرڪزي سيڪريٽريٽ، فنڊ، اسٽاف ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي ته جيئن ڪراچي شهر ۽ صوبي جي ٻين علائقن ۾ صحافين تي تشدد، اغوا ۽ قتل عام کي روڪڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري سگهي. پوليس ۽ رياستي ادارن کان مطالبو ڪيو ويو ته پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري سکر ۾ ٽي مهينا اڳ قتل ٿيل صحافي جان محمد مهر جي قاتل کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. اها ڳالهه اربع ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوپن هيگن ۽ اسلام آباد کان صحافين جي وفد سان ملاقات ڪندي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر، ميمبرن ۽ ٻين سينيئر صحافين ڳالهائيندي چئي. ڪوپن هيگن ڊنمارڪ جي صحافين جي وفد جي ميزباني فريڊم نيٽ ورڪ پاڪستان جي چيئرمين اقبال خٽڪ ۽ عدنان رحمت جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي.غير ملڪي وفد ۾ ميڊيا سپورٽر جي ناديه مسري، ايڊرسن ڪرسچن گريگرٽ، ٿاورا ايني شامل هئا. جڏهن ته سنڌ جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جا ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پروفيسر توصيف احمد ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، ميمبر گورننگ باڊي ذوالفقار راڄپر ۽ پي ايف يو جي سربراهه مظهر عباس، لنڊن مان آيل صحافي شاهد حسين ۽ ٻيا صحافي موجود هئا، ان موقعي تي سعيد سربازي چيو ته پريس ڪلب صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي قتل، تشدد ۽ گمشدگين خلاف صحافتي تنظيمن سان پرامن جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آهي. سنڌ جرنلسٽ پروٽيڪشن ڪميشن جي ميمبر ۽ روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ وفد کي ٻڌايو ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جنهن جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن اتفاق راءِ سان صحافين ۽ ٻين ميڊيا مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ تي گڏيل فيصلو ڪيو هو، ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي پر هن وقت تائين ڪميشن جو پنهنجو سيڪريٽريٽ يا اسٽاف ناهي، سنڌ ۾ صحافي برادري عتاب جو شڪار آهي، ڪراچي شهر سميت صوبي جي ٻين وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ صحافين تي تشدد، ڌمڪيون ۽ قتل جا واقعا به ٿي رهيا آهن، پي ايف يو جي اڳواڻ مظهر عباس چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي پر رياستي ادارن، پوليس ۽ بيوروڪريسي آڏو ان جي ڪا به اهميت ناهي، قتل ٿيل صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري موجوده سنڌ نگران حڪومت ۽ وڏو وزير به سنجيده نه آهي ، پروفيسر توصيف احمد چيوته ڪراچي شهر مان ٻن صحافين کي اغوا ڪيو ويو، ڪنهن به سرڪاري اداري ۽ حڪومت اغوا ڪندڙن جو نالو نه کنيو.