اسلام آباد(م ڊ) واپار جي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي صدارت هيٺ شوگر ايڊ وائزري بورڊ جي اجلاس ۾ صارفين جي مفاد ۾ کنڊ جو روانگي واپار جي درخواست رد ڪري ڇڏي پاڪستان شوگر ملز ايسوسي ايشن پاران کنڊ جي روانگي واپار جي درخواست کي واپار واري وزير پاران رد ڪيو ويو آهي اجلاس ۾ کنڊ صنعت کي درپيش چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته هن وقت پاڪستان لاءِ هر ڊالر جي اهميت آهي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ کپي جنهن جي نتيجي ۾ خزاني کي نقصان ٿي سگهي ٿو.