مخصوص شهرين کي نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران حڪومت طرفان معاشري جي مخصوص شهرين کي نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته هو سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ معذورن لاءِ روزگار جي ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ته جيئن هو پنهنجو گذر سفر پاڻ ڪري سگهن. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ معذور ماڻهن جي بااختيار بڻائڻ واري کاتي ڊي اي پي ڊي، جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي وڏي وزير چيو ته حڪومت خصوصي فردن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا اڳ ئي مختص ڪئي آهي ۽ ان ڪوٽا تي صحيح معنيٰ ۾ عمل ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سمورن سرڪاري کاتن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.