غزا پوري دنيا ۾ ٻارن لاءِ غيرمحفوظ، 8 لک ٻارڙا بي گهر ٿي چڪا آهن: يونيسيف

غزا(م ڊ) گڏيل قومن جي اداري اطفال يونيسيف جي ترجمان ٽوبي فلڪر چيو ته اسرائيل جنگ ۾ غزا جا 8 لک ٻارڙا بي گهر ٿي چڪا  آهن. يونيسيف جي ترجمان عرب ٽي وي الجزيره کي ٻڌايو ته 8 لک کان وڌيڪ ٻار ڀريل پناهه گاهن ۾ مشڪل حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. غزا ۾ داخل ٿيل امداد گهٽي گهٽ آهي ۽ يونيسيف ڏکڻ جي اسپتالن ۾ طبي سامان آڻڻ ۾ ناڪام آهي. هن وضاحت ڪئي ته يونيسيف وٽ غزه ۾ 5 سال کان گهٽ عمر جا 340،000 ٻار آهن ۽ اهي سڀ کان وڌيڪ غذائي کوٽ جا شڪار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.