اسرائيل، حماس وچ ۾ چئن ڏينهن لاءِ جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو

تل ابيب (م ڊ+اي پي پي) اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ چئن ڏينهن لاءِ جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿي ويو آهي. روس جي اخبار رشيا ٽوڊي جي رپورٽ مطابق اسرائيل جي ڪابينه ان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسرائيلي هٿياربند فوج، ڳجها ادارا موساد ۽ شين بيت پڻ ان جي حمايت ڪئي آهي. معاهدي مطابق چار ڏينهن جنگ بندي دوران حماس طرفان يرغمال بڻايل اسرائيلي فوجين ۽ شهرين مان 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ حماس طرفان وڌيڪ اسرائيلين جي آزادي جي صورت ۾ جنگ بندي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي. معاهدي مطابق حماس طرفان هر 10 اسرائيلن جي آزادي جي صورت ۾ جنگ بندي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ٿي سگهندي. اسرائيلي ڪابينه جي فيصلي کي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز بشمول هٿياربند فوج، شين بيٽ ۽ موساد جي حمايت حاصل آهي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق حماس طرفان 50 اسرائيلي عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ جي اميد آهي. پهرين يرغمالين کي اڄ تائين آزاد ڪري سگهجي ٿو،هوڏانهن گڏيل قومن، چين،روس اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ 4 ڏينهن جي جنگ بندي جي آجيان ڪئي آهي، ٻئي پاسي  فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا ۽ ڪيترن ڏينهن تائين جنگ بندي لاءِ ٿيل معاهدي کي ساراهيندي فلسطين مسئلي جي وسيع تر حل ۽ فلسطينن ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڊگهي تڪرار جي خاتمي تي زور ڏنو آهي،اتر غزا ۾ جباليه ڪئمپ تي اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ئي خاندان جا 50 کان وڌيڪ ڀاتي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته غزا بابت آمريڪا جي خاص نمائندي ڊيوڊ سيئرفيلڊ چيو ته هن جي حڪومت فلسطينين جي غزا پٽي کان ٻئي ملڪ منتقلي جي مخالف آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.