ڊي سي ڏکڻ جي هدايتن تي منافعي خورن خلاف ڪاروايون جاري، لکين رپين جو ڏنڊ لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو دڪاندارن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري رکيو.

اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ پرائس ڪنٽرول ٽيمن تي ٻڌل آفيسرن اڄ به ڏکڻ ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروايون جاري رکيون.

ڏکڻ ڪراچي جي مختلف سب ڊويزنن ۾ سرڪاري اگهه تي شيون وڪرو نه ڪرڻ تي اڄ سورهن دڪاندارن مٿان هڪ لک ايڪهتر هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته صدر ۾ گوشت جو دڪان پڻ سيل ڪيو ويو.

ڏکڻ ڪراچي سب ڊويزن، سول لائنز، صدر، گارڊن، آرام باغ ۽ لياري ۾ مختلف هول سيلرز ۽ منافع خورن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا.

ڊي سي سائوٿ ڪراچي جي پرائس ڪنٽرول سرگرمين جو مقصد شهرين کي اعلانيل اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي.

ان حوالي سان ڊي سي جي عملدارن جو چوڻ هو ته ڊي سي ڏکڻ ڪراچي کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو دڪاندارن، منافعي خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکن ته جيئن سرڪاري اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جي وڪرو کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي، جنهن جي بنياد تي روزانو ان سلسلي ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.