حيدرآباد (ويب ڊيسڪ ) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو اجلاس سربراهه رياض علي چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو، افغانين سميت ٻين ڌارين جي نيڪالي، سنڌو درياهه تي قبضي، سنڌ جي زمينن تي والار ۽ سنڌ جي نياڻين جي قتلام خلاف 26 نومبر تي حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو، جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته جنرل ضياءِ جي حڪومت دوران سرڪاري سرپرستي ۽ سازش تحت افغانين کي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ منتقل ڪري تباهي ۽ خوف جي صورت پيدا ڪئي وئي، وسيلن تي قبضا ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف ڪو به قانون ناهي، سنڌين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي، وسيلن تي قبضا ڪيا ويا آهن، مرڪ جان جي موت جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي آزاد ڪيو ويو، سنڌ جا نوجوان بيروزگار آهن.