سنڌ اسيمبلي ۾ امڪاني دهشتگردي جو خطرو

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) پاڪستان جي قيام جو بنياد وجهندڙ سنڌ اسيمبلي غير محفوظ بڻجي وئي، ڳجهن ادارن طرفان سنڌ اسيمبلي  جي اسپيڪر ۽ سيڪريٽري کي خط ذريعي امڪاني دهشتگردي واري واقعي کان آگاهه ڪرڻ بعد اسپيڪر آغا سراج دراني پاران اسيمبلي ۾ مقرر انچارج  ڊي ايس پي کي گهرائي سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي ، جنهن تي ڊِي ايس پي پاران اهلڪارن جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي وڌيڪ سيڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ايس ايس پي سيڪيورٽي ون کي هڪ خط لکي چيو آهي ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان ڪيترائي ڀيرا سيڪيورٽي خطرن جي نشاندهي ڪرڻ باوجود خاموشي ڏيکاري وئي آهي، گهرو کاتي، آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سيڪيورٽي ون کي  لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تاريخي عمارت باوجود اسيمبلي جي سيڪيورٽي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته خط بعد اسيمبلي جي سيڪيورٽي جو ڪو به مسئلو ٿيو ته ذميوار آءِ جي سنڌ ۽ گهرو کاتو هوندو، پوري عمارت لاءِ گهربل سيڪيورٽي بدران مختصر اهلڪارن جي مقرري ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته اسان کي 120 پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي پر اسان کي ٽن شفٽن ۾ صرف 26 اهلڪار ڏنا ويا آهن سيڪيورٽي ماهرن موجب سنڌ اسيمبلي ٽن پاسن کان اوپن روڊ هجڻ ڪري دهشت گردن لاءَ آسان ٽارگيٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.