ڪراچي (رپورٽر) اڍائي ڪروڙ جي ڌاڙي ۾ ملوث ڊي ايس پي جون وڌيڪ وارداتون سامهون اچي ويون، عمير طارق تي جعلي ڇاپن ۾ گلشن اقبال، گلزار هجري ۽ ڊفينس ۾ ڦرلٽ جا الزام آهن، متاثر شهري منصور شيخ موجب عمير طارق 15 کان وڌيڪ اهلڪارن سان گڏ پهريان گلشن اقبال ۾ هن جي ڀاڻيجي جي گهر ڇاپو هنيو، پوءِ گلزار هجري ۾ هُن جي گهر ڇاپو هنيو ۽ ڏيڍ لک رپيا، پرائز بانڊ، گهڙيون، پسٽل ۽ موبائيل فون کڻي ويو، اسان کي گڏوگڏ ٿاڻي تي نيو ويو ۽ وڌيڪ رقم گهري وئي، ثبوت نه ملڻ تي ڇڏيو ويو، ڊفينس ۾ هڪ پان واري به ڊي ايس پي تي پوڻن ٻن لکن جو سامان کسڻ جو الزام هنيو آهي، اورنگي ۾ ڌاڙي جي الزام ۾ گرفتار ڊي ايس پي کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، ايف آءِ آر موجب ٻه ڪروڙ رپيا روڪ رقم ۽ 70 کان 80 تولا سون ڦريو ويو، بعد ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک ۽ 50 تولا سون واپس ڪيو ويو.
ڌاڙي ڪيس ۾ گرفتار ڊي ايس پي عمير جو هڪ ڏينهن جو رمانڊ
ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ويسٽ جي عدالت ۾ اورنگي ٽائون مان واپاري شاڪر خان جي گهر مان ڦرلٽ ڪرڻ واري جوابدار ڊي ايس پي عمير طارق باجاري کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، پوليس جي موجب ڊي ايس پي واپاري جي گهر مان هڪ ڪروڙ 5 لک رپيا ڪيش،60کان 70 تولا سون جي ڦرلٽ ڪئي، هن واقعي ۾ ٻه گن مين خرم علي ۽ فرحان علي به نامزد ٿيل آهن، ڦرلٽ جو ڪيس واپاري شاڪر خان ٿاڻو پير آباد ۾ داخل ڪرايو آهي.
عمير طارق باجاري پرچي تي ڊي ايس پي ٿيو: سوشل ميڊيا
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي ڌاڙي ۾ملوث ڊي ايس پي عمير باجاري تي سخت تنقيد هلي رهي آهي، فيض الله خان لکيو ته پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت تائين پهچندڙ ڊي ايس پي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ سون سميت ٻين قيمتي سامان جي پهرين ڦر جي واردات نه ڪئي، ان کان اڳ به وارداتون ڪري چڪو آهي، پوليس اهلڪارن جو به ساڳيو حال آهي،دستگير ڀٽي لکيو ته واپڊا جي بدنام ٺڳ طارق باجاريءَ جو پٽ ڊي ايس پي عمير باجاري ڌاڙن ۾ شامل ھو.آءِ جي پوليس سنڌ کيس گرفتارڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.ياسين رند لکيو ته سليم باجاري جي ڀاڻج ۽ سنڌ پوليس ۾ ڊي ايس پي جون ھي ڇا خبرون سوشل ميڊيا تي ھلن پيون ته ٽي ڪروڙ جو ڌاڙو ھنيو اٿائين؟ معاملو ڇا آھي؟فهيم صديقي لکيو ته ڊي ايس پي عمير باجاري جي واقعن بابت نيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، هي شخص سنڌ جو اڳوڻو وڏي وزير مراد علي شاهه جي پرسنل اسسٽنٽ سليم بجاريءَ جو ڀائٽيو آهي،ڪميشن ذريعن مطابق هن ڊي ايس پي جي ڀرتي لاءِ ڪميشن جي امتحان ۾ حصو نه ورتو،سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي پيپر ڏنو،ذوالفقار علي لکيو ته عمير باجاري واپاري جي گهر ۾ گهري 4 ڪروڙ رپين جو ڌاڙو هينو، جاچ ۾ ڏوهاري ثابت ٿيو، پوليس گرفتار ڪري ورتو، هي اٿو ڀائو وارن جا ڪم،سميرا جعفري لکيو ته سنڌ پوليس ۾ ڪهڙا ڪهڙا ”هيرا“ کنيا ويا آهن؟