ڪراچي (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق نه ٿي رهيو آهي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ايم ڪيو ايم گُهر ڪري رهي آهي ته 2013ع واري اسان جي پوزيشن تسليم ڪري ان تحت سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وڃي، نامياري صحافي انيس منصوري جو چوڻ آهي ته ن ليگ جو موقف آهي ته 2013ع ۾ ايم ڪيو ايم متحد هئي ۽ الطاف حسين به اوهان سان گڏ هو، هاڻي ايم ڪيو ايم لنڊن بائيڪاٽ ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو اي پاڪستان ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، ان ڪري 2018ع واري پوزيشن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيڻ گهرجي، شاهه فيصل ڪالوني واري تڪ ۽ ضلعي سينٽرل ۾ ن ليگ 2018ع ۾ هزارين ووٽ حاصل ڪيا هئا، ان ڪري جيڪڏهن ايم پي اي ن ليگ جو ته ايم اين اي جو اميدوار ايم ڪيو ايم جو هجي ۽ جيڪڏهن ايم اين اي ن ليگ جو هجي ته ايم پي اي جو اميدوار ايم ڪيو ايم جو هجي، ان بنياد تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيڻ گهرجي. ان معاملي تي ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ۽ سڀاڻي وري ٻنهي جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي، هوڏانهن جي ڊي اي عرفان مروت، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس پٽ جي سيٽن تي هڪ ئي وقت ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي، هر پارٽي جا اجلاس جاري آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ان حوالي سان وڌيڪ خبرون اچي سگهن ٿيون.
ايم ڪيو ايم ن ليگ کان سنڌ ۾ وڏ وزارت جو مطالبو ڪري ڇڏيو
ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم اتحاد کانپوءِ ڪراچي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو آهي، ايم ڪيو ايم نواز ليگ کان سنڌ ۾ وڏ وزارت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مسلم ليگ نواز ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي گڏيل ڪميٽي جي گڏجاڻي مسلم ليگ هائوس ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو وفاقي وزير امين الحق، جاويد حنيف، ۽ حسان صابر نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي، علي اڪبر گجر ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا، گڏجاڻي ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ سياسي صورتحال، اتحاد، ۽ سيٽ ايڊجسٽمنيٽ بابت ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڳالهين بابت قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد ٻيهر گڏجاڻي تي به اتفاق ڪيو ويو، گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو ته ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ اتحاد، سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون ڪري پنهنجا خدشا ۽ مطالبا رکيا آهن، هن چيو ته ڪافي مثبت ڳالهيون ٿيون آهن ۽ آئنده به ملاقاتون ڪنداسين.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي امين الحق چيو ته خالد مقبول صديقي ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد لاءِ ماحول نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته متحده کي پنجاب ۾ نواز ليگ مضبوط نظر اچي رهي آهي،اسان نواز شريف کي وزيراعظم بڻجندي ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ وڏو وزير ايم ڪيو ايم جو هجڻ گهرجي. ٻئي طرف مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمد شاهه اڳوڻي وفاقي وزير اصغر شاهه سان ملاقات ڪري کيس نواز ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ هڪٻئي جي سپورٽ ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.