ڊاڪٽر ياسمين جو شهباز ۽ نوازشريف آڏو چونڊ وڙهڻ جو اعلان

لاهور (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جيل مان اينڪر منصور علي خان کي پيغام اماڻيو آهي ته چونڊن ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف جو مقابلو ڪنديس.

پيغام ۾ هن چيو ته جيل ۾ 12 ڪلو وزن  گهٽ ٿي ويو آهي، صحت مند آهيان.

ٻين قيدي عورتن جو به خيال ڪندي آهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ياسمين چيو ته جيل مان چونڊ وڙهنديس سياسي ڪارڪن منهنجي چونڊ مهم هلائيندا ۽ ڪامياب ڪرائيندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 23 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.