ملڪ رياض جو ڌماڪيدار انٽرويو رڪارڊ ٿي ويو !

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) بحريا ٽائون نالي قبضا مافيا  ملڪ رياض به هڪ ڊگهو انٽرويو رڪارڊ ڪرائي چڪو يارڪارڊ ڪرائڻ وارو آهي ، اهو انٽرويو انتهائي ڌماڪيدار ٿابت ٿيندو.

نامياري صحافي سيدعمران شفقت جو ڇوڻ آهي ته  ملڪ رياض جي انٽرويو بابت گهڻي وقت کان افواهه هلندڙ هئا پر تازو نامياري صحافي جاويد چوڌري  وڏي اعتماد سان انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ رياض جو انٽرويو رڪارڊ ٿي چڪو آهي يا ٿيڻ وارو آهي ، جاويد چوڌري اصل ۾ملڪ رياض جي ويجهو رهيو آهي،  ان ڪري ان جو اطلاع غلط ثابت نه ٿو ٿي سگهي.

جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته  انٽرويو ۾ ملڪ رياض جو 2014 واري  عمران خان جي ڌرڻي ۾ڪهڙو ڪردار هو، ڌرڻي جي مالي مدد ڪنهن ڪئي، ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جو بندو بست ڪير ڪندو هو، ڌرڻي جي رٿابندي ڪنهن ڪئي هئي،  ملڪ رياض ڪنهن جي چوڻ تي نوازشريف کي پيغام اماڻيو هو ته  استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو يا موڪل تي پرڏيهه هليا وڃو.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 460 ارب رپيا ڏنڊ ڇو وڌو ۽ ڪهڙيون رعايتون ورتيون،  عمران خان دور ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري کي هڪ ٻئي  کان پري رکڻ ۾ سندس  ڪهڙو ڪردار هو، ڇوته اسٽيبلشمينٽ کي خطرو هو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري متحد ٿي ويا ته عمران خان جي حڪومت نه رهندي.

ملڪ رياض برطانيا مان آيل 190 پائونڊ واري رقم بابت  به اهم انڪشاف ڪندو۽ حقيقت تان پردو کڻندو  ان ڪري انٽرويو ڌماڪيدار هوندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 23 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.