سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھه محمود قريشي کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران شاھه محمود قريشي جو وڪيل علي بخاري ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو تھ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڪٿي آھي؟، جنھن تي عدالتي عملي سائفر ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي جج کي فراھم ڪئي.
ٻڌڻي دوران جج ابوالحسنات ذوالقرنين وڪيل علي بخاري کي چيو ته بخاري صاحب اوھان لاءِ ته وڏي ڪاميابي ٿي آھي جنھن تي وڪيل علي بخاري چيو ته ھو پھرين ڏينھن کان اھو ئي چئي رھيا ھئا.
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاھه محمود قريشي کي 28 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي جيل ٽرائل خلاف عمران خان جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.