پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار، 20 ڏينهن اندر ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف داخل انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏيندي 20 ڏينهن اندر ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪميشن هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪرائڻ کانپوءِ 7 ڏينهن جي اندر پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي رپورٽ ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وڃي.
اليڪشن ڪميشن موجب، 20 ڏينهن جي اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن تيستائين بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ وٽ رهندو.
اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون تڪراري هيون، پارٽي آئين مطابق شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي.
ڪميشن چيو ته هڪ سال جو وقت ڏيڻ باوجود پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون، سيڪشن 215 تحت ويهه ڏينهن اندر پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشنز ڪرائي.
اليڪشن ڪميشن موجب، 20 ڏينهن اندر چونڊون نه ڪرائڻ تي پارٽي چونڊ نشان سان گڏوگڏ پارليامينٽ جي چونڊن لاءِ اهل نه هوندي.
ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بئرسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سبب ڏاڍو افسوس ٿيو، انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيون.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اِهو نه چيو هوته پارٽي اليڪشن آئين پٽاندڙ نه ٿيون پر چيو هو ته دستاويز اڻپورا آهن، اسان اليڪشن ڪميشن جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس کي چئلينج ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.