پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جو انٽرا پارٽي چونڊن بابت فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان بئرسٽر گوهر علي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن وڙهي سگهي ٿو ۽ وڙهندو جڏهن ته بيٽ جو نشان اسان وٽ رهندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سزا يافته شخص جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ بابت بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪو به مائنس نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته عمران خان اسان جو چيئرمين هيو، آهي ۽ رهندو، عمران خان اليڪشن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي، اليڪشن ايڪٽ موجب آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل شخص چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بئرسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سبب ڏاڍو افسوس ٿيو،  انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿيون.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اِهو نه چيو هوته پارٽي اليڪشن آئين پٽاندڙ نه ٿيون پر چيو هو ته دستاويز اڻپورا آهن، اسان اليڪشن ڪميشن جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس کي چئلينج ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.