گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ وزيراعظم کي گهرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ بابت ڪيس ۾ نگران وزيراعظم کي گھرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت چيو تھ ڪراچي مان گم ٿيل ماڻھن جي ڪيسن کي ڏھھ ڏھھ سال گذري ويا ڪابھ اڳڀرائي ناھي ٿي، جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس نتيجا ڏيندڙ ثابت نھ ٿيا.

جسٽس امجد سھتي چيو تھ ھو ڏھن سالن کان ھر روز 10 کان 15 گم ٿيل ماڻھن جا ڪيس ٻڌن ٿا جيڪڏھن ايترو وقت ٻين ڪيسن کي ڏيڻ ھا تھ ڪيترائي ڪيس اڪلائجي وڃن ھا.

عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ زيب النساءَ جي وڪيل چيو تھ درخواست ڏيندڙ جو مڙس پاپوش نگر مان 2017ع کان گم آھي.

سرڪاري وڪيل چيو تھ جي آءِ ٽي جا 21 اجلاس ٿي چڪا آھن اڃا تائين ڪوبھ پتو ناھي پيو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو تھ شھرين کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھو ڪوبھ قدم کڻندا.

عدالت درخواستن جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ سنڌ ھائيڪورٽ گم ٿيل شھرين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو تھ حڪومت 18 گم ٿيل ماڻھن جي گھرڀاتين کي معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي جڏھن تھ گھرو کاتي 18 شھرين جي وارثن کي معاوضي لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻي آھي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو تھ ڪابينا جي منظوري بعد وارثن کي رقم ادا ڪئي ويندي.

جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ڪيترن ئي جلاس بعد شھرين کي جبري گم ٿيل قرار ڏنو ويو.

عدالت پڇاڻو ڪيو تھ جي آءِ ٽي جو آخري اجلاس ڪڏھن ٿيو ھو؟، جنھن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو تھ مارچ ۾ آخري اجلاس ٿيو.

عدالت چيو تھ گھٽ ۾ گھٽ جي آءِ ٽي جو اجلاس تھ ڪيو وڃي تھ جيئن ڳولا جي ڪا اميد تھ رھي.

عدالت جاچ آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ شھرين جي ڳولا لاءِ ماڊرن ڊوائيسز استعمال ڪيون وڃن.

عدالت چيو تھ گھرو سيڪريٽري ۽ ڊي آءِ جي جاچ شھرين جي بازيابي بابت معاملن ۾ ذاتي دلچسپي وٺن.

عدالت گم ٿيل شھرين جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.