اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪمشنر ڪراچي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بحريه ٽائون جو طئي ٿيل معاهدي کان 3 هزار 31 ايڪڙ واڌو زمين تي قبضو آهي.
واضح رهي ته اِها رپورٽ 460 رُپيا اوڳاڙي واري معاهدي جي تناظر ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بحريه ٽائون ڪراچي سان 16 هزار 896 ايڪڙ زمين جو معاهدو ٿيو هو.
ڪمشنر ڪراچي جي سربراهيءَ ۾ 10 رڪني سروي ٽيم پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هن وقت بحريه ٽائون جو 19 هزار 931 ايڪڙ زمين قبضو آهي.
رپورٽ موجب، بحريه ٽائون جو هن وقت طئي ٿيل معاهدي کان 3 هزار 31 ايڪڙ واڌو زمين تي قبضو آهي.
رپورٽ موجب ۾ چيو ويو آهي ته بحريه ٽائون جو ملير ضلعي ۾ 813 ايڪڙ ۽ ڄامشورو ۾ 2 هزار 222 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي.
واضح رهي ته رپورٽ سپارڪو، سروي آف پاڪستان ۽ فاريسٽ کاتي جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي بحريه ٽائون جي قبضي هيٺ زمين جي سروي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.