پاڪستان برڪس بلاڪ 2024 ۾ شموليت لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان برڪس بلاڪ 2024ع ۾ شموليت جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان هفتيوار بريفنگ دوران پاڪستان جي درخواست جي تصديق ڪندي چيو ته روس ۽ چين رڪنيت حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندا.
ترجمان موجب، پاڪستان اِهو فيصلو جوهانسبرگ ۾ برڪس بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو، اميد آهي ته برڪس طرفان اسان جي درخواست تي عمل ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي روس ۾ پاڪستاني سفير محمد خالد جمالي چيو ته رڪنيت واري عمل دوران پاڪستان روس جي مدد تي اعتماد ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته برڪس، برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا تي ٻڌل گروپ آهي جنهن ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ تيرنهن ورهين کانپوءِ واڌ ڪئي وئي هئي.
هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.