والاريل فلسطين جي علائقن ۾ يهودي آبادڪاري کي غيرقانوني سمجهون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته قابض فلسطيني علائقن ۾ غيرقانوني يهودي وسنديون فلسطين مسئلي جي حل ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته پاڪستان غزا ۾ جنگ بندي جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته جنگ بندي دوران غزا کي ضروري شيين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
سندس چوڻ هو ته غزا هڪ والاريل علائقو آهي، نه رڳو غزا پر فلسطين جي والاريل علائقن تي به اسرائيلي قبضي تي پاڪستان کي سنجيدا خدشا آهن، اسان فلسطين جي 1967 کان اڳ واري سرحدن تي ٻه رياستي حل جا حامي آهيون، اهڙي فلسطيني رياست جنهن جي راڄڌاني القدس شريف هجي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا اسرائيل سان سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپا نه آهن، اسان يهودي آبادڪاري کي غيرقانوني سمجهون ٿا، غيرقانوني آبادڪاري فلسطين تڪرار جي ٻه رياستي حل جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي.
پاڪستان افغان لاڳاپن ۽ سرحد پان کان دهشتگردي بابت سوال تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان جا افغانستان جي افغانستان سان ورڪنگ رليشن شپ آهي.
پاڪستان کي افغانستان مان دهشتگردي جي خطرن تي ڳڻتي آهي، دهشتگردن ۽ سندن محفوظ ٿاڪن واري ماملي تي افغان انتظاميا سان رابطي ۾ آهيو ته جيئن نيٽ ورڪ جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائي سگهجي.
هن چيو ته پاڪستان ڪيئي دفعا ٽي ٽي پي جي ڪارروائين کان افغانستان کي آگاهه ڪري چڪو آهي، انٽيليجنس بابت ڪا به ڄاڻ شيئر نٿا ڪري سگهون پر افغان حڪومت مان ڪالعدم ٽي ٽي پي جي محفوظ ٿاڪن تي ڪارروائي جي اميد رکون ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ جاسوسي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي جنهن تي ڳڻتي آهي، ڪلڀوشن بابت اسنا جو ڪيس ڏاڍو مضبوط آهي.
هن چيو ته اتر پرديش ۾ سرٽيفائيڊ حلال خوراڪ تي پابندي جون خبرون اچي رهيون آهن، جيڪا رياستي پٺڀرائي ۾ ڀارت جي اقليتن خلاف قدم ۽ اسلامو فوبيا جي عڪاسي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت ۾ مسلمانن لاءِ اسپيس گهٽجي رهيو آهي.
رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.