پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي کي اعليٰ عهدن تي مقررين کان روڪيو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بين الصوبائي رابطا ( آءِ پي سي ) واري وزارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي هڪ ٻيو خط لکندي ذڪاءَ اشرف جي مئنيجمينٽ ڪميٽي کي معاملن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.

آءِ پي سي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن چار نومبر تي جاري ٿيو، مئنيجمينٽ ڪميٽي بورڊ آف گورنرز جوڙي ۽ جلد کان جلد پي سي بي چيئرمين جي چونڊ ڪرائي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي روز مره جا معاملا ڏسي، اعليٰ عهدي تي مقرريون نه ڪري، ڪميٽيءَ جو مدو ٽن مهينن کان وڌيڪ نه وڌايو ويندو.

آءِ پي سي جي خط موجب، وفاقي ڪابينا مئنيجينٽ ڪميٽي کي چيئرمين جي چونڊ، بورڊ آف گورنر جي جوڙجڪ جون ذميواريون ڏنيون آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته مئنيجمينٽ ڪميٽي طرفان اعليٰ عهدن تي مقررين کي اختيارن جو غلط استعمال سمجهيو ويندو. ڪميٽي هفيوار رپورٽ ترتيب ڏئي وزارت کي پنهنجي قدمن بابت آگاهه ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.