پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ ايندڙ سال شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز ملتوي ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، سيريز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال مئي ۾ نيڌرلينڊز جو دورو ڪندي ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻي هئي.
نيڌرلينڊز ڪرڪيٽ بورڊ جي هاءِ پرفارمنس مئنيجر رونالڊو ليفبريو جو چوڻ آهي ته پي سي بي شيڊيول، رانديگرن جي ورڪ لوڊ سبب سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي سيريز ملتوي ٿيڻ جي خبر بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڃا تائين ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.
آيو.
You might also like