ممبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪپتان روهت شرما پاران ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روهت شرما جلد ئي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندو.
رپورٽ ۾ بي سي سي آءِ ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته روهت ون ڊي ورلڊ ڪپ کان اڳ ئي بورڊ سان ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پنهنجي مستقبل بابت ڳالهايو هو ۽ هاڻ امڪان آهي هو ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيان لاءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺندو.
ياد رهي ته روهت شرما 2022ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڀارت لاءِ ڪا به ٽي ٽوئنٽي ميچ ناهي کيڏي.
روهت شرما 148 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي 3853 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ چار سينچريون پڻ شامل آهن.