آسٽريليا جو دورو، پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جي ڪئمپ ۾ وڌيڪ 3 بالر شامل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جي ڪئمپ ۾ وڌين ٽن بالرن کي شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ثمين گل، شفيق ۽ محمد علي تربيتي ڪئمپ جو حصو بڻجي ويا آهن.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي بالنگ لاءِ پاڻ کي فٽ محسوس ناهي ڪري رهيو جنهن سبب کيس ري هيب لاءِ لاهور موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر بابر اعظم، سرفراز احمد ۽ عثمان قادر کي اڄ پريڪٽس کانپوءِ امام الحق جي شادي جي تقريب ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، بابر اعظم، سرفراز احمد ۽ عثمان قادر سڀاڻي ٻيهر ڪئمپ جوان ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.