راولپنڊي ( م ڊ ) اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ديسي بم (آئي ڊي اي) ڌماڪي جي نتيجي ۾ لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ لانس نائيڪ ساجد حسين شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود دهشتگردن خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.