غزا(م ڊ) فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم وڌي ويا، اسرائيل اسپتالن کان پوءِ اسڪولن تي بمباري ڪرڻ لڳو آهي. غزا ۾ گڏيل قومن جي اسڪول تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد ٿي ويا. گڏيل قومن جي امدادي اداري موجب اسرائيلي فوج جباليا ڪيمپ ۾ گڏيل قومن جي هڪ اسڪول تي هوائي حملو ڪيو. غزه جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جي اسڪول تي اسرائيلي بمباري سبب 200 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. عرب ميڊيا موجب هزارين فلسطينين اسڪول ۾ پناهه ورتي آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فورسز جباليا ڪيمپ ۾ رهائشي عمارت تي به حملو ڪيو، اسرائيلي بمباري سبب هڪ ئي خاندان جا 32 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جن ۾ 19 ٻار به شامل آهن.هوڏانهن حماس اڳواڻ حماس جي ترجمان ۽ اڳواڻ اسامه حمدان چيو آهي ته اسرائيلي بمباري سبب غزه جي پٽي ۾ ڪا به محفوظ جاءِ نه بچي آهي. اسرائيلي فوج الشفا اسپتال مان ڪيترن ئي شهيد فلسطينين جا لاش ڪڍيا. لبنان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسامه حمدان چيو ته غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين مان 43 سيڪڙو فلسطينين جو تعلق ڏاکڻي حصي سان آهي. هن چيو ته اسرائيلي فوجون اتر ۽ ڏکڻ غزه تي بنا جواز بمباري ڪري رهيون آهن. صهيوني فوجون اسپتالن کان پوءِ اسڪولن تي وحشياڻي بمباري ڪري رهيون آهن.