اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جي ايڇ ڪيو ۾ عالمن سان آرمي چيف جي ملاقات ۾ آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ،ڊي جي سي آءِ ايس آءِ ميجر جنرل فيصل نصير ۽ آءِ ايس پي آر جو سربراهه به موجود هئا، وي لاگر اسد علي طور چيو ته مفتي تقي عثماني ميري جند ميري جان عاصم منير جو ٽيبلو پيش ڪري ڏيکاريو،مفتي منيب افغان پناهگيرن بابت چيو ته ان پاليسي کي چئلينج نٿا ڪريون، پر هي جيڪو ٿي رهيو آهي ان جا ڪهڙا اثر پوندا، ان حوالي سان ڪهڙي تياري ڪئي وئي آهي،آرمي چيف قرآن پاڪ جي آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪجهه به ٿي پئي اسان غيرقانوني پرڏيهين کي ضرور نيڪالي ڏينداسين،ڪهڙي به حڪومت اچي، اها پاليسي ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي، ڪا به رياست غيرقانوني ماڻهن کي رهائش جي اجازت نه ڏيندي آهي،آرمي چيف چيو ته سرحد پار کان طالبان حملا ڪري رهيا آهن، اهي برداشت نه ڪيا ويندا،علامه طاهر اشرفي پاران ”سالار تيري جانثاربي شمار بي شمار“ جا نعرا هڻايا ويا، هن اهو به چيو ته قوم اليڪشن نه پئي چاهي، توهان جيڪو چاهيندو اهو ئي ٿيندو، آرمي چيف صاحب قوم توهان جي پٺيان بيٺي آهي، ان تقرير دوران ڪجهه عالم ۽ ڪجهه عالم مسڪرائي رهيا هئا، علامه ساجد مير چيو ته افغانين کي آهستي آهستي ڪڍو، ٽن مهينن جي واڌ ڏيو، آرمي چيف جواب ڏنو ته ائين بلڪل نه ٿيندو، جيڪي غيرقانوني آهن انهن کي فوري طور ڪڍيو ويندو، جيڪي رجسٽرڊ 2 لک افغاني آهن انهن کي به نيڪالي ڏني ويندي، انهن جي ڪري اسان جي معيشت هيٺ وڃي رهي هئي، ڪو به ملڪ ڌارين کي پنهنجي معيشت تي غالب ناهي ڪندو، مان ڊالر 250 رپين تي آڻي ڏيکاريندس، اها پاليسي اڳتي نه ڇيڙي ويندي، اليڪشن ۽ افغان طالبان تي ڪا به ڳالهه نه ڪئي وئي، غزا جي مسئلي تي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم چيو ته غزا تي آءِ ايس پي آر سخت بيان جاري ڪري چڪي آهي، اسرائيل جي مذمت ڪريون ٿا، فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل چاهيون ٿا،پوري امت ۾ ترڪيه کانپوءِ آءِ ايس پي آر پاران فلسطينين جي حمايت ۾ بيان اچي چڪو آهي،هوڏانهن وي لاگر عمران شفقت چيو آهي ته آرمي چيف جي عالمن سان ملاقات جو مقصد قومي بيانيو جوڙڻ هو، حقيقت ۾ اهڙي ملاقات حڪومت جو ڪم هوندو آهي،پروپيگنڊا ڪئي وئي ته آرمي چيف کي ڪهڙا خدشا هئا جو عالمن سان ملاقات ۾ کيس بلٽ پروف شيشي پٺيان بيهڻو پيو،حالانڪه اهو شيشو ٽيبل تي وڇايل هو، هن چيو ته علامه طاهر اشرفي ڪڏهن به رياست، پاڪستان جي سياست ۽ سسٽم کان ٻاهر ناهي نڪرڻو، وزيراعظم ڀلي ڪيترا به تبديل ٿين، طاهر اشرفي هر حڪومت ۾ هوندو آهي، هن ڪالهه جي ايڇ ڪيو ۾ چاپلوسي جي حد ڪري ڇڏي