لاهور (عوامي آواز نيوز) نامياري اينڪر پرسن ۽ تجزئي نگار اطهر ڪاظميءَ کي اداري فارع ڪري ڇڏيو آهي، نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته ٽي وي چينل ٽيلي آن نيوز جي انتظاميا نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا کي به چيو هو ته اوهان جي پگهار تمام گهڻي آهي ان ۾ گهٽتائي ڪيو يا نوڪري ڇڏي ڏيو پر رئوف ڪلاسرا جو ٻن سالن جو ايگريمينٽ ٿيل هو ان ڪري ان کي فارغ ڪرڻ انتظاميا لاءِ مشڪل هو ڇو ته رئوف ڪلاسرا کين نوٽيس به ڏئي چڪو هو ان ڪري ان سان معاملا ٺيڪ ڪيا ويا. پر اينڪر اطهر ڪاظمي جو ڪو به ايگريمينٽ ٿيل نه هو ان ڪري کيس بار بار انتظاميا اهو چوندي رهي ته اوهان جي ڪري دٻاءُ اچي رهيو آهي ان ڪري پنهنجي پاليسي ٺيڪ ڪيو، اطهر ڪاظمي جي پڇاڻي باوجود کيس نه ٻڌايو ويو ته دٻاءُ ڪٿان اچي رهيو آهي، پر هلندي هلندي دٻاءُ جو سبب ڄاڻائي اطهر ڪاظميءَ کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو