سنڌ ۾ ، قبرستانن جي ايراضين جي قبضا ڪيا پيا وڃن. اهو ، رواج اڳ ۾ ته گهٽ هو. پر گذريل پندرهن سالن ۾ بااثرن ۽ وڏيرن وڌائي ڇڏيو. اڪثر ڪري اخبارن ۾ پڙهندا رهون ٿا ته ڀوتارن جي معرفت قبرستانن جي ايراضين تي قبضا ٿي رهيا آهن. قبرن جي بي حرمتي ٿي رهي آهي. قبرون مسمار ڪيون پيون وڃن. اتي رهائشي بنگلا ٺهي رهيا آهن يا فصل ڪاهجي رهيا آهن. اهو ، سلسلو تيزي سان وڌي رهيو آهي. جيڪو گهٽ ٿيڻ جي ڪونه ٿو ڪري. اهڙن واقعن تي عوام احتجاج ڪيا اهن. لاڳيتو ڪندا وتن. پر، عوام جي ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونهي. ڇو ته وڏيرو قانون کان مٿانهون ، طاقتور ۽ سگهارو آهي. انهن جي خلاف قانون حرڪت ۾ نه ٿو اچي. پر، خاموش رهي ٿو. بهرحال قبرستانن جي زمين تي قبضا بند ڪونه ٿيا آهن. وري هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو آهي. ان سلسلي موجب ، ڪيترن ئي مقامن ۾ لاش دفنائڻ جي اجازت ڪونه ٿي ڏني وڃي. ڀوتار لاش دفن ڪرڻ نه ٿا ڏين. هو، منع ٿا ڪن ته ، سندن قبرستان ۾ ڪو به مڙهه دفن ڪرڻ لاءِ نه آندو وڃي. اهو رجحان ۽ لاڙو تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ زور وٺندو پيو وڃي.
چند سال پوئتي وڃبو ۽ ماضي ۾ جهاتي پائبي ته معلوم ٿيندو ته هڪ شخص نالي ڀورو ڀيل فوت ٿي ويو هو. ان جا وارث سندس مڙهه کڻي قبرستان آيا ۽ دفن ڪري هليا ويا. ان وقت جا رجعت ۽ انتها پسند ملان بگڙجي پيا. ماڻهن کي ڀڙڪائي ۽ جذبات ۾ آڻي ڀوري ڀيل جو لاش قبر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. لاش جي بي حرمتي ڪئي ويئي. وارثن لاش کڻي ٻئي هنڌ دفن ڪري ڇڏيو. سندس قبر اڄ به موجود آهي ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي نگاهن جو هر وقت مرڪز بڻيل رهي ٿي. ياد رهي ته ، ڀيل سنڌ جا اصلي رهواسي آهن. پر ان وقت انتهاپسندن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ، هو مسلمانن جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءَ جي حوالي نه ٿا ڪري سگهجن.
هڪ طرف، مذهبي ٺيڪيدار ماڻهن کي منجهائي رهيا آهن ۽ اقليتي برادرين جي مڙهن کي پنهنجن قبرستانن ۾ دفن ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين. ڄڻ ته سمورا قبرستان سندن ذاتي ملڪيت آهن. جنهن ڪري ڪنهن ٻئي مذهب يا ذات وارا اتي دفن ڪري نه ٿا سگهجن. ٻئي طرف وري ڀوتار غريب ، مسڪين ۽ مفلس ماڻهن جي لاشن کي هڪ ئي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڪونه ٿا ڏين. هو به منع ٿا ڪن ته قبرستان اسان جا ذاتي آهن. اتي ٻيو ڪو به ماڻهو دفن ڪري نه ٿو سگهجي. هو، پنهنجي اثر ۽ طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته ، ضلعي نوشهروفيروز ۾ هڪ معصوم ٻارڙي جو لاش کڻي مائٽ قبرستان پهتا ته ، بااثر مڇرجي پيو ۽ چوڻ لڳو ته هتي ڪنهن کي به مڙهه دفن ڪرڻ جي اجازت ڪونه ڏني ويندي. اهو سندن ذاتي مقام آهي. جنهن ۾ ڪير به ڪنهن جو لاش پوري نه ٿو سگهي. ٻارڙي جي وارثن احتجاج به ڪيو هو. هڪ وڏيرو غريب کي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري ۽ نفرت جو اظهار ٿو ڪري. سنڌ جي سمورن وسيلن تي ته اهي وڏيرا ئي قابض آهن. پر، هاڻ قبرستانن کي به پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي غريبن کي انهن ۾ دفنائڻ کي عيب سمجهن ٿا.
اهو واقعو چند ڏينهن اڳ ۾ پيش آيو هو. پر، هاڻ تازو وري هڪ ٻيو لقاءِ سامهو آيو آهي. جيڪو مختلف اخبارن ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. ڪنب ۾ بااثرن غريب ميگهواڙن کي قبرستان ۾ لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو. بااثر هٿيار کڻي پهچي ويا. تفصيل موجب ميگهواڙ برادري تي لاش دفن ڪرڻ وقت بااثرن جي طرفان حملو ڪيو ويو ۽ قبرستان ۾ لاش دفن ڪرڻ نه ڏنو. ڪوٽ ڏيجي جي ڳوٺ چتن مل جي رهواسين ڀڳوان داس ، درهم داس ، سادو رام ، بيرم داس ۽ ٻين لاش رکي بااثر عباس علي بڙدي خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان پنجاهه سالن کان وٺي ، هتان جا رهواسي آهيون. هتان جي علائقي جا سمورا ماڻهو کين ڄاڻين ۽ سڃاڻين ٿا. هتان جا مقامي ماڻهو آهيون. ساڳئي قبرستان ۾ لاش دفن ڪندا ٿا اچون. جنهن جي ايراضي چوويهه ايڪڙ آهي. اها ايراضي اسان جي ڳوٺ ۽ قبرستان لاءِ مير هز هائينس ڏني هئي. هاڻ ، ان قبرستان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وقت عباس علي بڙدي لاش دفن نه پيو ڪرڻ ڏيئي.
ياد رهي ته ، سنڌ جي ماڻهن کي ، هڪ گهري سازش جي ذريعي ورهايو پيو وڃي ، قومن ، قبيلن، ذاتين ، خاندانن ۽ ويڙهن ۾ تقسيم ڪيو پيو وڃي. جنهن مان اهو نقصان ٿئي پيو ته ، سنڌي ماڻهن جي طاقت ڪمزور ۽ گهٽ ٿي رهي آهي سندن هڪ ٻئي لاءِ نفرتون ۽ عداوتون وڌي رهيون آهن. ڪلفتون ۽ عصيبتون پيدا ٿي رهيون آهن. هاڻ ، ڪيترن ئي هنڌن تي لاش به هڪ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ ڪونه ڏنا پيا وڃن. هڪ خاندان ، ٻئي خاندان کي ساڳئي مقام ۾ مڙهه آڻڻ پسند نه ٿو ڪري. هن وقت ، قبرستانن ۾ لاش نه دفنائڻ وارو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي.. اسان جو معاشرو نفرتن جي باهه ۾ ٻرندو ٿو رهي. اسان جون سوچون منفي ڪردار جون آهن. جنهن جو معاشري تي خراب ۽ برو اثر پئجي رهيو آهي. جهالت واري دور ڏانهن ڌڪجندا پيا وڃون.
غريبن ، مسڪينن ۽ اقليتي برادرين جي لاشن کي هڪ ئي قبرستانن ۾ دفن ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. اهو لاڙو ۽ رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، سمورن قبرستانن تي بااثرن جا قبضا ٿي رهيا آهن ته پوءِ غريبن ۽ اقليتي برادرين جو ڪهڙو قبرستان آهي؟ جتي هو پنهنجي پيارن جا لاش دفن ڪن. بااثر ته سنڌ جي هر شيءِ کي پنهنجي هٿن ۾ قابو ڪيو ويٺا آهن. هاڻ غريبن جو گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي. کين لاش دفن ڪرڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. عوام رڳو مڙهه روڊن تي رکي احتجاج ڪندا رهن ٿا. پر، انهن احتجاجن مان به ڪو فائدو ڪونه ٿو ٿئي. ماڻهو دانهون ڪندا رهن. پر اهي دانهون ڪونه ٿيون ٻڌيون وڃن. دانهن جو ڪو به نتيجو ڪونه ٿو نڪري. ان جو سبب اهو آهي ته ، بااثر ، قانون کان گهڻو مٿانهان آهن. سگها ۽ طاقتور آهن. هتان جو قانون صرف ضعيفن ، ڪمزورن ۽ مسڪينن جي خلاف حرڪت ۾ ايندو آهي. هاڻ ضرورت اها آهي ته ، ڄاڻايل معاملي تي ، حڪومت کي غور ڪري قانون سازي ڪرڻ گهرجي ۽ ان قانون تي سختي سان عمل پڻ ڪرايو وڃي ته جيئن ڪنهن به لاش کي دفنائڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيش نه اچي. اها به گذارش آهي ته ، سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ اهڙو واقعو رونما ٿئي ته ، اتان جا وس وارا عملدار تحرڪ ۾ اچي، اهو لاش دفن ڪرائين ۽ بااثرن جي ڪن مهٽ به ڪن. تڏهن اهو رجحان گهٽجندو. پر، جيڪڏهن ان معاملي ۾ خاموشي اختيار ڪئي ويئي جيئن هن وقت سڀ چپ آهن ته پوءِ اهو لاڙو اڃا وڌيڪ تيز ٿيندو. جنهن کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. جنهن ڪري ان معاملي کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي ترت تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي.
تازو وري هڪ ٻيو لقاءُ سامهو آيو آهي. جيڪو مختلف اخبارن ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو آهي. ڪنب ۾ بااثرن غريب ميگهواڙن کي قبرستان ۾ لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو. بااثر هٿيار کڻي پهچي ويا. تفصيل موجب ميگهواڙ برادري تي لاش دفن ڪرڻ وقت بااثرن جي طرفان حملو ڪيو ويو ۽ قبرستان ۾ لاش دفن ڪرڻ نه ڏنو.