جوبائيڊن طرفان مقرر ڪيل پاڪستاني وڪيل عديل منگي ڪير آھي ؟

تحرير: رياض سهيل

سال 2020 دوران آمريڪي رياست نيويارڪ جي ھڪ جيل ۾ 51 ورهين جو ڪاري چمڙي وارو قيدي نالي ڪارل ٽيلر فوت ٿي ويو.جيل اختيارين موت جو سبب دل جو دورو قرار ڏنو، پر گهرڀاتين جو چوڻ ھو ته ڪارل ذهني طور صحتمند نه هو، تشدد سبب فوت ٿيو آھي.

اڍائي هفتن جي جيوري جي ٽرائل ۽ آخري دليلن بعد ڌرين وچ ۾ پنج ملين ڊالرن جو ھڪ تاريخي ٺاهه ٿيو.جيڪو  نيو يارڪ جي تاريخ ۾ هن قسم جي ڪيسن ۾ سڀ کان وڏي رقم سمجھي وڃي ٿي.عدالت اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ 15 ملين ڊالر جي لاڳت سان ڪيمرا ئون۽ ٻيون ڊيوائسز لڳائڻ جو پڻ حڪم ڏنو.

ان ڪيس ۾ فوتي جي وارثن جي نمائندگي پاڪستاني ڄائي آمريڪي شهري عديل منگي ڪئي.جنھن کي تازو اربع واري ڏينھن آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان اپيلٽ ڪورٽ جي جج طور نامزد ڪيو ويو آھي. سينيٽ نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي ته هو ان عهدي تي فائز ٿيندڙ پهريون مسلمان ۽ پاڪستاني هوندو.عديل منگي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪراچي گرامر اسڪول ۾ پڙهيو آھي.

عديل منگي جو والد عبدالله منگي سرڪاري ملازم هو ۽ ماءُ ڊاڪٽر انور منگي مشهور نفسياتي ماهر هئي،جيڪا اٽڪل پنج سال اڳ نيويارڪ ۾وفات ڪري وئي آھي.

عديل جي خاندان جو تعلق لاڙڪاڻي شهر جي لڳ ڳوٺ خير ديرو سان آهي. سندس نانو علي حسن منگي علائقي جي مشهور علمي، سياسي ۽ سماجي شخصيت هو ۽ 1977ع ۾ سکر مان قومي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو ھو.

علي حسن منگي بمبئيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد پنهنجي خاندان ۾ تعليم جو بنياد رکيو. ھو پاڻ تعليم کاتي جو حصو ٿيو. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ منتقل ٿي ويو. جتان سندس خاندان اڳتي وڌيو.

عديل منگي ڪراچي گرامر اسڪول جو هيڊ  بواءِ ھو .جتي هن تقريري مقابلن ۾ به حصو ورتو. اسڪول جي رڪارڊ موجب ڪجهه مقابلن ۾ ھن پهريون انعام حاصل ڪيو.

هو 1998ع ۾ بئرسٽر بڻجڻ لاءِ لنڊن  ويو ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان قانون جي شعبي ۾ گريجوئشن ڪئي.هن 2000ع ۾ هارورڊ لا اسڪول مان ايل ايم ڪيو.

عديل منگي جو وڏو ڀاءُ آمريڪا ۾ ڪارڊيڪ سرجن آهي جڏهن ته سندس ننڍي ڀيڻ نوين منگي صحافي ۽ امدادي ورڪر آهي. جنهن علي حسن منگي نالي هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ فلاحي ڪم ڪري ٿو.

عديل منگي 2000 ۾ ليگل فرم بيلڪنيپ ويب اينڊ ٽائلر ايل ايل پي ، جوائن ڪيو. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هوان جو پارٽنر ٿي ويو.

هن نيويارڪ جي مسلم بار ايسوسيئشن، ليگل ايڊ سوسائٽي ۽ مسلمز فار پروگريسيو ويليوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ نيشنل ايل جي بي ٽي بار ايسوسيئيشن جي بورڊ ميمبر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.

آمريڪا ۾ عديل منگي اقليتي مسلمانن ۽ هم جنس پرستن خلاف تعصب جي واقعن خلاف هڪ سرگرم وڪيل جي حيثيت سان شهرت رکي ٿو ۽ ڪيترائي ڪيس کٽي چڪو آهي.

2016  دوران  جڏهن نيو جرسي ۾ ٻن مسجدن کي تعميراتي اجازت نامن کان انڪار ڪيو ويو تھ ھن  مقامي اسلامي گروپ پاران  وفاقي سطح تي مقدمو داخل ڪيو.

اهو ڪيس نيو جرسي جي سڀ کان وڏي اخبار جي  ستن ايڊيٽوريلز جو موضوع بڻيو. ڪيس جي وڏي پئماني تي تشھير ٿي.جنھن جو اڳتي ھلي فيصلو ٿيو. جنھن تحت نه رڳو مسجدن جي منظوري ملي، پر ميونسپلٽي متاثر اسلامي گروپن کي خاصو معاوضو ادا ڪيو.

عديل منگي تازو ئي سافٽ ويئر انڊسٽري ۾ واپاري رازن جي چوري واري ڪيس ۾ ست هفتن جي جيوري ٽرائل کانپوءِ 2 بلين ڊالرن جي هرجاڻي جو ڪيس کٽيو، جيڪو ورجينيا جي عدالت جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ھرجاڻو آهي.

قانون جي دنيا ۾ عالمي  آن لائن ميگزين بينچ مارڪ ليٽيگيشن، عديل منگي کي ھلندڙ سال  قانوني معاملن  جو  اسٽار قرار ڏنو آھي ۽ لکيو آھي تھ سندس ساٿين ”منگي کي ‘محتاط ۽ بي لغام’ ۽ ھار نھ مڃيندڙ  آواز قرار ڏنو آھي.

آمريڪي صدر جو بائيڊن جي نامزدگي کانپوءِ جيڪڏهن سينيٽ عديل منگي جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي ته هو آمريڪي تاريخ ۾ وفاقي اپيلٽ ڪورٽ ۾ ڪم ڪندڙ پهريون پاڪستاني ڄائو  مسلم آمريڪي جج بڻجي ويندو.

منگي انھن اٺن نامزدگين ۾ شامل هو. جن جو اعلان اربع تي وائيٽ هائوس ۾ ڪيو ويو. هڪ بيان ۾، وائيٽ هائوس کيس "غير معمولي  قابل، تجربيڪار، ۽ قانون جي حڪمراني ۽ خود کي آئين لاءِ ارپي ڇڏيندڙ شخصيت “ قرار ڏنو ھو.

سينيٽ طرفان تصديق ڪئي وئي ته، منگي آمريڪي سرڪٽ ڪورٽ آف اپيل جي صدارت ڪندو، جنھن ۾ پنسلوانيا، نيو جرسي، ڊيلويئر ۽ ورجن آءِ لينڊ جون  رياستون شامل آھن.وائيٽ هائوس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته انھن نامزدگين سان بائيڊن جي ان واعدي پوري ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي جنھن ۾ ھن چيو ھو تھ  ملڪ جون عدالتون ان قسم جي تصوير پيش ڪندي نظر اچن تھ جيڪو هڪ ملڪ طور اسان جو اثاثو آهي.عديل پنهنجي ٻن پٽن سان آمريڪا ۾ رهي ٿو. سندس قانوني فرم تي  تعارف اردو، هندي ۽ سنڌي ٻولين ۾ لکيل آهي.

آمريڪي چينل سي اين اين کي 2018ع ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سندس آفيس جي ڀت تي پاڪستان جي باني محمد علي جناح، نيلسن منڊيلا، ٽيڊ ڪينيڊي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جون تصويرون لڳل هيون.

سي اين بي سي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي عديل منگي انهن تصويرن جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته هي سڀ اھي ماڻهو آهن جن ۾ خاميون هيون پر آخرڪار انهن حقيقي معنيٰ ۾ ٻين جي  خدمت ڪئي ۽ مشڪل وقت ۾ جرئت جو مظاھرو ڪيو.جيڪو منھنجي لاءِ متاثر ڪندڙ  آھي.

واضح رهي ته عديل منگي جو نالو تجويز ڪندڙن ۾ سينيٽر باب مينينڊز به شامل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته صدر بائيڊن عديل منگي کي نامزد ڪيو آهي، ھن کي اھو اعزاز حاصل آھي تھ ھن فون ڪري وفاقي اپيليٽ ڪورٽ ۾ عديل منگي جي نامزدگي تي حوصلا افزائي ڪئي ھئي.سينيٽر باب مينينڊز تحريڪ انصاف لاءِ نرم رويو  موقف رکندڙ  ۾ شامل آهي. هن تازو پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

                 (بي بي سي جي ٿورن سان )

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.