هن وقت سڄي ملڪ سميت ڪراچي ۾ لکين افغاني موجود آهن جن جي وڊيو به منظر عام تي آئي آهي جتي هڪ سنڌي افغاني کان سوال پڇي ٿو ته تون افغاني آهين؟ جنهن جي جواب ۾ هو ڪاوڙ ۾ اچي چوي ٿو ته ها مان افغاني آهيان مون وٽ شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ نه آهن ۽ توهان منهنجو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهو انهي مان ثابت ٿيو ته ملڪ توڙي سنڌ مان اهي بلڪل نه نڪرندا سرڪار کي گهرجي ته نادرا مان ٺهيل 40 لک سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد ڪرائين بلڪل سنڌ ۾ رهندڙ غيرملڪين کي هڪدم سنڌ بدر ڪيو وڃي، سنڌ ۾ روزگار لاءِ رهيل افغاني ملڪ توڙي سنڌ ڌرتي تي موجود آهن.
افغانين جون سنڌ ۾ ڪي ئي ڪالونيون آهن سنڌ پوليس کي اهي ڇو نظر نه ٿيون اچن. اسلام آباد ۾ پوليس اعلان پئي ڪري ته افغاني پنجاب خالي ڪن ۽ سنڌ پوليس چوي ٿي ته افغاني ڏسو ته اسان کي اطلاع ڏيو، اهري ريت سنڌ پوليس ماڻهن کي ڏيکاءُ خاطر رشوت وٺي هٿ ڪڍي ويندي، سنڌي ماڻهن کي افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي آهي پوليس ۽ پاڪ فوج کي هن ڪم ۾ وڌ ۾ وڌ مدد ڪجي.
افغانستان ۾ حامد ڪرزئي جي آمريڪي نواز حڪومت جوڙڻ بعد ڪيترائي افغاني متاثر ٿيا جن پاڪستان ۾ اچي پناهه ورتي ۽ اهو سلسلو هلندو رهيو جيڪو طالبان کي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ تائين جاري رهيو ڇو ته افغاني پوري ملڪ ۾ ڦهلجي چڪا آهن پر سندن گهڻو تعداد سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ خصوصن ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن جيڪي اڄ به پاڪستان مخالف آهن افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ امن ٿيڻ کان پوءِ انهن کي وطن پاڻمرادو هليو وڃڻ کپي پر هتي ائين نه ٿيو حڪومت کين واپس وڃڻ تي زور نه ڀريو هي پنهنجي ملڪ ۾ زهر ڀريندا رهيا.
ٻئي طرف جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن کان سواءِ لبرل تائين شامل ٿي چڪا آهن ۽ سندن حق ۾ احتجاج به ڪن پيا، افغانين جو بار گذريل ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ خصوصن سنڌ تي آهي سنڌين کي هڪ منعظم سازش تحت اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن وقت تائين سنڌ تمام گهڻو ڀوڳي چڪي آهي جنهن ۾ افغانين جو وڏو ڪردار آهي مذهبي جماعتن سميت آصف علي زرداري، سراج دراني ۽ ٻين ليڊرن جو پريشان ٿيڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر ذوالفقار جونئير جي افغانين جي حمايت ۾ ٽوئٽ سمجهه کان ٻاهر آهي هن چيو ته افغانين منهنجي پيءَ کي پناهه ڏني جڏهن ته سنڌين کيس شهيد ڪري ڇڏيو سو افغانين کي تنگ نه ڪيو وڃي،
هڪ طرف افغاني سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ڪلچر کي هٿيارن جي سپلائي ڪري ڏوهن ۾ سپورٽ ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف هيروئن، چرس، شراب ۽ آفيم جهڙين شين کي عام ڪرڻ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهن پاڪستان ۾ افغاني جهنڊو لهرائن ۽ رياست مخالف نعرا هڻن هن جو ڪڌي ڪم ۾ اضافو آهي افغاني هجن يا بنگالي سنڌ کي پناهگير عالمي يتيم خانو سمجهي ورتو آهي مهمان نوازي جو فائدو وٺي مقامي ماڻهن جي روزگار، ڪاروبار ۽ نوڪرين جي حق تلفي ڪري رهيا آهن افغانين کي پنهنجي ملڪ اباڻن وٿاڻن ڏانهن وڃڻ کپي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ هنن جو وڌيڪ بار کڻي نه سگهندي، ٻي صورت ۾ سنڌ فلسطين بڻجي ويندي، ڇا سرڪاري اعلان جي ڊيڊلائين بعد افغاني نڪري ويا؟ انهي لاءِ سڀني ساڃاهه وندن سنڌ جي گهڻ گهرن، صحافين کي اڳتي اچڻو پوندو افغانين ۽ ٻين پناهگيرين خلاف جدوجهد فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ هي آخري موقعو آهي ٻي صورت ۾ سنڌ فلسطين ۾ تبديل ٿي ويندي.