آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ چيني هم منصب شي جن پنگ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فوجي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اها ڳالهه ٻنھي ملڪن جي صدرن ۾ ٿيل ملاقات ۾ سامھون آئي. اربع واري ڏينھن ھنن ڪيليفورنيا رياست جي فرانسسڪو جي لڳ هڪ تاريخي هنڌ تي ملاقات ڪئي. هڪ سال کان وڌيڪ عرصي ۾ پهريون ڀيرو ٻنھي اڳواڻن ۾ روبرو ڳالهيون ٿيون آھن.
شي جن پنگ سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بائيڊن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سطح تي رابطا ڪيا ويندا. چين جي سرڪاري ميڊيا به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.اڳواڻن ھڪ باغ جو پڻ سير ڪيو.بائڊن ملاقات کي ”خوشگوار“ قرار ڏنو.
بائيڊن چيو ته هو ۽ شي جن پنگ سڌو سنئون رابطو رکندا. بائيڊن موجب ٻنهي ملڪن آمريڪا ۾ فينٽانيل جي جزن جي منتقلي روڪڻ لاءِ ٻنھي ملڪن ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ بائيڊن دعويٰ ڪئي ته غزا جي الشفا اسپتال ۾ حماس جي ويڙهاڪن ۽ هٿيارن جي موجودگي جنگي ڏوهن جي برابر آهي. هن چيو ته حماس اسپتال جي هيٺان لڪي رهي آهي.آمريڪي صدر چيو ته حماس اسرائيل تي ٻيهر حملي جي رٿابندي ڪري رهي آهي.
بائيڊن موجب هن چيني صدر کي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي لاءِ بھ چيو آهي.
ٻنھي ملڪن ۾ فيبروري ۾ تڏھن لڳاپا خراب ٿيا، جڏهن آمريڪا پنهنجي فضائي حدن تي هڪ مبينا چيني جاسوس بالون کي ماريو ھو.اڳوڻي هائوس اسپيڪر نينسي پيلوسي گذريل سال تائيوان جو دورو ڪيو. جڏهن چين آمريڪا سان فوجي سطح جي رابطن کي ختم ڪري ڇڏيو ھو.
بائيڊن گڏجاڻي جي شروعات ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مقابلو "جنگ ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي.” ٻئي پاسي شي جن پنگ چيو ته ‘هڪ ٻئي کان منهن موڙڻ ڪو رستو ناهي.’
ھن ڌرتيءَ تي ايتري گنجائش آهي جو ٻئي ملڪ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. هڪ ملڪ جي ڪاميابي ٻئي لاءِ موقعا پيدا ڪري ٿي. جنگ ٻنهي ڌرين کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جيڏو نقصان ڏئي ٿي.
بائيڊن جي ڪاميابي سان، ھن کي ايندڙ سال جي صدارتي چونڊن ۾ پڻ ڪنھن حد تائين حمايت ملندي.نھ رڳو اھو بلڪھ تائيوان جي حوالي سان واشنگٽن ۽ بيجنگ سان لاڳاپا اهم آهن. بيجنگ تائيوان تي دعويٰ ڪري ٿو ۽ گذريل سال بحري ۽ ھوائي جنگي جهازن اتي گهيرو ڪيو ھو.
2024ع تائيوان جي چونڊن کان اڳ چين ان حوالي سان جارحاڻو انداز اختيار ڪيو آهي. فوجي لاڳاپن جي بحالي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ تڪرار کي گهٽائي سگهي ٿي. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته چين تائيوان جي مسئلي تي آمريڪا سان پنهنجو رويو نرم ڪيو آهي.