شايد سندس نالو سپنا موتي ڀاوناڻي هو، ٽوئيٽر تي تڏهوڪي وزيراعظم عمران خان کي منٿ ڪري رهي هئي ته هن 1947ع واري ورهاڱي جي پسمنظر ۾ هڪ دستاويزي فلم ٺاهي رهي آهي، جيئن ته”سنڌوستان“ نالي ان دستاويزي فلم جو زميني ڳانڍاپو، ڪردارن جو واسطو سڌوسنئون سنڌ سان جُڙيل آهي، ان ڪري کيس فلم جي ڪجھه عڪسبندي وغيرھ لاءِ سنڌ جي ويزا جاري ڪئي وڃي. پر ان سلسلي ۾ کيس ڪابه موٽ نه ملي.
برصغير جي ورهاڱي نه صرف زمين کي وچ مان بارڊر جي ڇُري وهائي ڪڍي، پر ٻنهي پاسي جي لکين انسانن کي پنهنجي پنهنجي ماتر ڀومي کان پاڙون اُکيڙي ڪنهن تيز رفتار طوفان جيان اُڏاري وڃي الائي ڪٿان کان ڪٿي اڇلائي ڇڏيو.
ڪٿي ڪٿي خاندانن جا خاندان لڏايا ويا، ۽ ڪٿي وري ائين به ٿيو جو ڀائر هڪڙي پاسي هليا ويا ته ڀينر ٻئي پاسي رهجي ويون، مڙس روزگار سانگي آڳاٽو ھُن پار ويل هيو ته سندس گهرواريءَ پنهنجي اُن وَر لاءِ ھِن پاسي ئي وڇوڙي جا وَڍَ سهندي سهندي خاڪ بڻجي وئي.
هيءَ جيڪا ڳالھه آئون هتي لکي رهيو آهيان، اِھا انهن اَڀاڳن جي وارتا آهي، جيڪي انگريز سرڪار جي اُٻھرائي مان گهرايل ڪارندي ريڊ ڪلف پاران سرحد جي نالي تي وهايل آريءَ جو ترت ئي شڪار ٿي ويا. جن کي ايتري به مهلت ڪانه ملي سگهي هئي جو پنهنجي اسڪول ويل ٻارڙن جي موٽڻ تائين سندن انتظار ڪري سگهڻ.
بهرحال تقدير چئجي يا ان وقت جي عالمي چوڌرين پاران ٻي عالمي جنگ ۾ ناڪامي وارو چُٽو گڏيل هندستان جي ورهاڱي جي صورت ۾ ڌوئڻ جو تجربو، ۽ ان ورهاڱي ڪارڻ نه رڳو مذهبي طور تي ورهاڱي ٿيو پر هڪ ئي مذهب رکندڙ ٿر ۽ رڻ ڪڇ جا سوڍا، سميجا، سما، نهوڙيا، سومرا، بجير، راهمون وغيرھ ته هرڻيءَ جي کير پياڪ ٻچي جيان ٻاڪاري ٻاڪري ئي ٻي ڀَر کي سنڀاريندي اورئين ڀَر ۾ سمائجي ويا.
وقت ساڳيو نٿو رهي، حڪومتون مَٽجي وڃن ٿيون، پاليسيون جوڙيندڙ پنهنجي ڪَئي مٿان به ڪڏھن پشيمان ٿيو ٿا پون، وري جو عمران خان وارو گذريل حڪومتي دور آيو ۽ جنهن پاڪستان ۽ هندستان جي سرحد ويجهو ڪرتار پور راهداري جي شروعات ڪئي ته جهڙوڪ صدين جي سِڪ جا بند ٽُٽي پيا هجن، ڪي عقيدي جي آڌار تي ته ڪي وري وڇڙي ويل عزيزن جي اُڪير ۾ بارڊر واري لائن کي به پار ڪري هڪ ٻئي وٽ وڃي پهتا.
پاڻ هتي پاڪستان اندر ئي جاري ڪجھه ٽي وي چينلن، ويب سائيٽن ۽ اخباري ادارن وٽان مليل معلومات ونڊ ڪنداسين،
تازو 14 نومبر 2023 تي سيالڪوٽ پنجاب جي رهائشي شيلا راني سان ملڻ لاءِ سندس ماماڻا هندستاني پنجاب جي بٽالا مان ڪرتار پور پهتا، 28 جنوري 2022 تي جالنڌر جي محمد حبيب کي فيصل آباد پنجاب ۾ ويٺل ڀاءُ محمد صديق سان ملڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ اندر ويزو جاري ڪيو ويو. 21 جون 2023 تي چيچاوطني پنجاب پاڪستان جي حشمت بيبي هندستاني پنجاب ۾ پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ ۽ اباڻو ڳوٺ ڏسڻ وئي. 01 نومبر 2019 تي اعلان جاري ٿيو ته هندستاني پنجاب واسين کي پاڪستاني پنجاب ۾ ڪرتار پور اچڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا بدران سڃاڻپ ڪارڊ تي ئي اجازت ڏني ويندي. اڃا به وڌيڪ اها رعايت ته گرونانڪ جي جنم ڏينهن تي ياترين لاءِ ويھه ڊالرن واري فيس به معاف هوندي. 17 جون 2020 تي هڪ خبر لڳي ته رنجيت سنگهھ جي ورسي تي پاڪستاني پنجاب ايندڙن لاءِ راهداري کولي ويندي ۽ خصوصي گاڏيون هلايون وينديون. 09 نومبر تي وزيراعظم عمران خان ڪرتاپور راهداري جو افتتاح ڪندي چيو ته سِکن لاءِ ڪرتاپور گردوارو ائين ئي آهي جيئن مسلمانن لاءِ مڪو ۽ مدينو. 16 جون 2023 تي امرتسر جي مهندر ڪور ڪرتاپور پنجاب ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالعزيز شيخ سان ملي. 20 مئي 2022 تي پٽيالا جو گروموک سنگهھ شيخوپورا پنجاب ۾ پنهنجي ڀيڻ ممتاز سان ملڻ آيو. 23 آگسٽ 2022 تي جالنڌر جو سرن سنگهھ پنهنجي ڀائٽي عبدالخالق سان ملڻ ساهيوال پنجاب آيو. 21 جولائي 2022 تي رينا ورما اباڻي حويلي ڏسڻ لاءِ راولپنڊي پنجاب آئي. 30 جون 2022 تي گلف نيوز ۾ هڪ خبر ڇپي ته برطانيا جا سِک فوجي ٻارهن ڄڻن جي قافلي سان پاڪستان ۾ پنهنجي مذهبي ۽ تاريخي جاين جي ياترا لاءِ پنجاب پاڪستان آيا. ان کان سواءِ پنجاب جي چڪوال لڳ ڪٽاس راج مندر، حسن ابدال لڳ پنجهه صاحب گردواي جي ياترا لاءِ ڪيترائي سِک آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا.
اڃا به ٿورو اڳتي هلجي ته بارڊر ۽ غدر جهڙين پاڪستان مخالف پروپئگنڊا فلمن جو ايڪشن هيرو سني ديول ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽر، ڪمينٽر نوجوت سنگهھ سِڌُو ته ڊگھيون وِکون کڻي ۽ ٻانهون لوڏي اچي پاڪستان واري پنجاب پهتا. ڪيڏي نه خوشي جي ڳالھه آھي ته ستن ڏهاڪن جا وڇوڙا ختم پيا ٿين، ٻه قومي نظريي تي ڌار ٿيل ٻن ملڪن هندستان ۽ پاڪستان جا ماڻھو پنھنجي اباڻن جي ڇڏيل پُراڻن پَڊن تي واپس وري مِٽي ماٿي لائن ٿا. پر ٿورو ترسو ۽ ٿورو ويچار ڪريو ته پاڻ مٿي سرحد پار آمد جا جيڪي انگ اکر ۽ تاريخون ڏئي آيا آهيون، اهي پاڪستان ۽ هندستان جي صرف هڪڙي مخصوص ريجن جا ئي ڇو آهن؟ ڇا ورهاڱي وقت يا ان کان پوءِ ڪيتري ئي عرصي تائين ٿيندڙ لڏپلاڻ رڳو پنجاب مان ئي ٿي هئي ڇا؟
حيدرآباد ۾ سانجهي ٽاڻي ڦُليليءَ جي ڪنارن تي پسار ڪندڙ اهي عامل ۽ عاملياڻيون، گلابن جي خوشبو سان واسيل باغيچن ۾ ڪسرتون ڪندڙ اهي ڀائيبند، مانجهند جي عظيم الشان درٻار، هير آباد، گاڏي کاتي جون ماڙيون، سکر جا ڪارخانا، ماضيءَ جو پئرس سڏيو ويندڙ شڪارپور، سوڀي ديري، ڊڀري ۽ ڪراچي بندر کي ڏيهان ڏيھه مڃتا ڏيارڻ وارا اهي انسان جن پنجاب جي ئي انسانن جيان ورهاڱي جا وَڍَ برداشت ڪيا هئا، اُهي ان موٽي ملڻ واري فهرست ۾ ڪٿي به نظر ڪونه ٿا اچن. ڇو!؟
هند سنڌ جي مشهور اديب ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته سندس ڀاءُ کي آمريڪي پاسپورٽ هوندي به ڪنهن پرڏيهي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ويزا نه ڏئي وئي، ڇوته ڪاڳرن ۾ هن جي پيدائش جو هنڌ سنڌ جو شهر شهدادپور لکيل هو. جيڪڏهن ان جي پيدائش وارو هنڌ شهدادپور سنڌ بدران گجرانوالا پنجاب هجي ها ته شايد ساڻس ٿيل ورتاءَ جو طريقو گهڻو مختلف پڻ هجي ها.نه رڳو اهو، پر 1971 واري پاڪ – ڀارت جنگ ۾ گلگت بلتستان جا ڪيترائي علائقا هندستان جي قبضي ۾ وڃڻ سبب اتان جا جيڪي ماڻهو جيڪي سڏ پنڌ تي هوندي به هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائڻ لاءِ به سِڪي ويا، ايستائين جو ڪجھه وقت اڳ بي بي سي ۾ هڪ رپورٽ شايع ٿي هئي ته ايڪهتر واري ان جنگي ورهاڱي ۾ ڪجھه مڙس ۽ سندن گهرواريون به سرحد جيان هڪ ٻئي کان ٻِن ڀاڱن ۾ ورهائجي وڇڙي ويا، انهن کي هڪ ٻئي سان ملائڻ لاءِ اڃان تائين ٻنهي طرفن کان ڪا واهر ناهي ٿي سگهي.
ٻنهي ملڪن ۾ وڻج واپار وارو سرشتو به ڪڏهن عام جام کليل هجي ٿو ته ڪڏهن وري بِنھه بند. پر سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته وڻج واپار توڙي اچ وڃ لاءِ پنجاب وٽان واهگا بارڊر ته کليل رهي ٿو، پر ان ساڳي ئي هندستان سان سنڌ ۾ کوکرا پار وٽان ڪنهن به قسم جي آمدرفت منع آهي، ان کانسواءِ خيبرپختونخواھ ۽ بلوچستان وٽان افغانستان ۽ ايران جو بارڊر نه رڳو واپار لاءِ پر بنا رنڊڪ روڪ جي اچ وڃ لاءِ به استعمال ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ۽ ٿرپارڪر جا رهاڪو پنهنجي پيارن سان ملڻ لاءِ رڻ ڪڇ يا جيسلمير وڃڻ چاهين ته پهريان کين سڄو پاڪستان لتاڙي واھگا بارڊر وڃڻو پوي، تنهن کانپوءِ وري هندستان ۾ اَٽاري، امرتسر ۽ دِليءَ جا دنگ لتاڙي سرحد جي ٻئي پاسي بلڪل پنهنجي ڳوٺ جي سامهون اچڻو پوي. هاڻي ڪير ويهي حساب لڳائي ته ان دوران ان مسافر جي خرچ ٿيل جمع پونجي ۽ وقت جو ڪاٿو ڪٿي وڃي پهتو هوندو.!؟
هونئن ته کوکرا پار اسٽيشن 1880ع ۾ قائم ٿي، 1964 تائين ان ٽريڪ تي”راجا جي ريل“، ٿر ايڪسپريس، پوءِ مارئي ايڪسپريس انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ هلنديون رهيون، جيڪي هاڻي به هلي سگهن ٿيون، نه رڳو ريل پر بس سروس به هلي سگهي ٿي، 2006 ۾ مشرف حڪومت دوران ان ٽريڪ تي جاري آمدرفت کي موچاري موٽ به هئي، بعد ۾ خبر ناهي ته ڇو پاليسي سازن جي اک هِن پاسي کان ڦري وئي ته يَڪي واپس ڪانه وري سگهي. يا ته ائين ٿو لڳي ته انهن پاليسي سازن جي ڪاڳرن ۾ سنڌ ته آهي، سنڌ جا وسيلا به آهن، پر سنڌ واسين جي ضرورتن ۽ خواهشن جي ڪا به اهميت ناهي.!
جيڪڏھن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ۽ ٿرپارڪر جا رهاڪو پنهنجي پيارن سان ملڻ لاءِ رڻ ڪڇ يا جيسلمير وڃڻ چاهين ته پهريان کين سڄو پاڪستان لتاڙي واھگا بارڊر وڃڻو پوي، تنهن کانپوءِ وري هندستان ۾ اَٽاري، امرتسر ۽ دِليءَ جا دنگ لتاڙي سرحد جي ٻئي پاسي بلڪل پنهنجي ڳوٺ جي سامهون اچڻو پوي. هاڻي ڪير ويهي حساب لڳائي ته ان دوران ان مسافر جي خرچ ٿيل جمع پونجي ۽ وقت جو ڪاٿو ڪٿي وڃي پهتو هوندو.!؟