وفاقي حڪومت 27 هين ترميم وسيلي جيڪا قانون سازي ڪرڻ وڃي رهي آهي تنهن جا تفصيل جيڪي ظاهر ٿي رهيا آهن سي ته ڳڻتي جوڳا آهن. انهن تفصيلن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ان 27 هين ترميم وسيلي صوبن کي مليل اختيار واپس وٺڻ، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي ۾ گهٽتائي ڪرڻ، هر هڪ صوبي مان ٽي صوبا ٺاهڻ شامل آهن. ان کان علاوه صوبن کي 18 هين ترميم تحت مليل مزل ۽ قدرتي وسيلن ۾ اختيار محدود ڪرڻ ۽ صوبائي وزارت جا اختيار به وفاق حوالي ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن چتاءُ ڏنو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو ته سخت مزاحمت ڪنداسين. هنن دعويٰ ڪئي آهي ته 27 هين آئيني ترميم ذريعي پ پ سنڌ جي قيمت تي اقتدار حاصل ڪري ماڻهن کي قربان جو ٻڪرو بڻائيندي. نون صوبن جي نالي ۾ پاڪستان کي وجود ڏيندڙ سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪيو پيو وڃي. ٻيو ته آئيني ترميم وسيلي سمورو ملڪي نظام غير جمهوري قوتن جي حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي بلديات جي وزير ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ نون صوبن جو بس هڪ شوشو آهي هڪ صوبي اندر ٽن صوبن ٺاهڻ جو انفراسٽرڪچر ناهي، اهو ممڪن ئي ناهي بس ڳالهيون آهن.
اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته شل اهي رپورٽون ۽ ڏيکاريل خدشا غلط ئي ثابت ٿين ۽ انهن ۾ ڪا حقيقت نه هجي پر مسلم ليگ (ن) جي نظرياتي پس منظر وفاق جو سڀ اختيار پاڻ وٽ رکڻ واري هٻچ ۽ پ پ جو اقتدار لاءِ ڪجهه به ڪرڻ وارو لاڙو خطري جي گهنٽي ضرور آهن. هاڻي ته پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ٽوئيٽ ڪري اعتراف ڪيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي جي تجويز آهي هن اهو به ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 27 هين ترميم آڻڻ لاءِ حمايت گهري آهي.
اسان جيتوڻيڪ قانون سازين کي پارلياماني جماعتن جو بنيادي حق سمجهون ٿا پر اهو حق کين جائز، ملڪ، صوبن ۽ قوم جي حق ۾ ٿيندڙ قانون سازين بابت آهي پر جيڪي قانون ملڪ، صوبن ۽ قومن جي خلاف ٺاهيا ويندا آهن تن کي پوءِ تڪراري ۽ دشمن قانون سازي سمجهي ڪري رد به ڪيو ويندو آهي ته اهڙي قانون سازي خلاف مزاحمت به ٿيندي آهي. سو حڪومت ۽ پارلياماني جماعتن کي ڪا به قانون سازي ڪرڻ کان اڳ اهو خيال ضرور ذهن ۾ آڻڻ گهرجي ته ڪا به قانون سازي ڪجي ته اها ملڪ، صوبن ۽ عوامي جي عظيم مفادن ۾ ڪرڻ گهرجي مثال طور جيئن پنجاب اسيمبليءَ قرارداد پاس ڪري مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ جي تجويز ڏني هئي سا عوام جي مفاد ۾ آهي جنهن تي ڪير به ارهو نه ٿيندو. جيڪڏهن وفاقي حڪومت 27 هين ترميم تحت اها قانون سازي ڪندي ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته ملڪ جو آئين به مرڪزيت کي بااختيار بڻائڻ بدران صوبن کي خودمختيار بڻائي ٿو ۽ ايئن صوبن کي وري گهرجي ته پنهنجا اختيار ضلعي يعني هيٺين سطح تي منتقل ڪن پر اسان هڪ صوبي اندر ننڍن ننڍن صوبن ٺاهڻ قطعي طور به اجازت نه ڏينداسين. البت ضلعي نظام کي مضبوط ڪرڻ جا ضرور حامي آهيون.
سو هاڻي ڏسڻو آهي ته27 هين ترميم تحت ڪهڙي قانون سازي ڪئي وڃي ٿي. عام تاثر اهو آهي ته پ پ کي ڪشمير ۾ حڪومت ڏيڻ جو لالي پاپ ڏئي سنڌ صوبي جي مفادن جي برخلاف قانون سازي ڪري پ پ کان حمايت ورتي ويندي جنهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي مالي حصي جي ڪٽوتي به شامل آهي. سو پ پ 27 هين ترميم تحت ڪهڙي ڪهڙي قانون سازي کي تسليم ڪندي تنهن جو جلد پتو پئجي ويندو پر سنڌ جي اسٽيڪ هولڊر رڳو پ پ ناهي. سنڌ جون ٻيون به اسٽيڪ هولڊڙ جماعتون آهن جن ۾ خاص طور تي سنڌي قوم پرست جماعتون پڻ آهن جيڪي راءِ عامه ٺاهڻ ۾ طاقت ور ڪردار ادا ڪنديون آهن. سو اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ عوامي سطح تي هڪ طئي ٿيل راءِ عامه آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو وار برداشت نه ڪبو. جيڪڏهن پ پ اقتداري مفادن لاءِ سنڌ جو عوام ان کي بلڪل به تسليم نه ڪندو، اهو طئي ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري پ پ جي اڳوڻي سينيٽر ۽ سياستدان رضا ربانيءَ بلڪل صحيح چيو هو ته 18 هين ترميم ختم ڪرڻ يعني صوبائي خودمختياري واپس وٺڻ باهه سان کيڏڻ هوندو.
رضا رباني اصل ۾ ارڙهين ترميم جي بانيڪارن مان هڪ رهيو آهي. تنهن ڪري به هو هميشه کان ان ترميم جو وڪيل رهيو آهي، ان جي وڪالت ڪندو رهيو آهي. پ پ ۾ ڪافي اهڙا اڳواڻ آهن جيڪي ارڙهين ترميم جا يعني صوبن کي بااختيار بڻائڻ جا حامي آهن. اسان ته اهو سمجهون ٿا ته 2008 واري پ پ جي وفاقي حڪومت جو سڀ کان ڀلو ۽ يادگار ڪم صوبن کي بااختيار بڻائڻ هو ۽ هاڻي جيڪڏهن پ پ ئي ارڙهين ترميم کي پنهنجن هٿن سان دفن ڪندي ته تاريخ ان کي بلڪل به معاف نه ڪندي. سو پ پ جيئن ته سنڌ ۽ سنڌي عوام جي پارلياماني سطح تي نمائنده جماعت اهي ته ان کي گهرجي ته اها سنڌ ۽ سنڌي عوام سان گڏ بيهي ان ۾ ئي پ پ جي پنهنجي به بقا شامل آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت سڄي ملڪ مان سنڌ واحد صوبو آهي جنهن مان پ پ کي سڀ کان گهڻا ووٽ ملندا آهن پر جيڪڏهن پ پ پنهنجي سنڌي عوام کي مايوس ۽ نظرانداز ڪيو ته اهو عمل ايئن ٿيندو ته پ پ جنهن وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل آهي سا ٽاري پاڻ ئي وڍيندي هجي. پ پ کي اها به ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ان کي سنڌي عوام جي حمايت نه هوندي ته اسٽيبلشمينٽ ان جو فائدو وٺندي سنڌ ۾ ٻين جماعتن کي اڳتي آڻيندي ۽ ايئن پ پ جي غير مقبوليت مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺندي. تنهن ڪري پ پ کي انتهائي هوشمندي ۽ دانشمندي سان ان معاملي ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. صرف ۽ صرف اقتداري مفادن کي ناهي ڏسڻو.
ايئن وفاقي حڪومت کي به اصولي ۽ اخلاقي طور تي پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل سنڌ جي اسٽيڪ هولڊرن سان پڻ ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن اها ڪا غلط ۽ تڪراري قانون سازي نه ڪري سگهي. پر موجوده رپورٽون جيڪي ملي رهيون آهن سي في الحال ته پنهنجي خواهشن جي برخلاف ئي آهن جنهن لاءِ چئون ٿا ته شل اهي ڄاڻايل رپورٽون ۽ اسان پاران ظاهر ٿيل خدشا غلط ثابت ٿين.