پارلياماني سياست ۽ ليول پلينگ فيلڊ وارو معاملو

تحرير: ضمير وسطڙو

جيئن جيئن ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ويجهو اچي رهي آهي ملڪي سياست ۾ به وڏي جوڙ توڙ جاري ٿي وئي آهي، سابق وزير اعظم ميان نواز شريف جي واپسي سان ملڪي سياست ۾ نئين صورتحال پيدا ٿي وئي آهي هڪ پاسي پي ٽي آءِ جا اهم اڳواڻ پارٽي کي درجنن جي حساب سان ڇڏي رهيا آهن ته ٻئي طرف ميان نواز شريف پڻ مڪمل تياري سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ  سندرو ٻڌي بيهي رهيو آهي ان سلسلي ۾ سندس ڪالهوڪو بلوچستان جو دورو وڏي اهميت رکي ٿو ان دوري سان بلوچستان جا وڏا وڏا سياسي خاندان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي ويا آهن.

اهڙي صورتحال کي ڏسندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جون وايون بتال ٿي ويون آهن جنهن جو ثبوت خود چيئرمين بلاول ڀٽو جو بيان آهي جنهن ميان نواز شريف جي دوري تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته بلاول جي والد آصف زرداري کي پڪي اميد هئي ته سندس بلوچستان جي سردارن سان ذاتي لاڳاپا آهن جن کي استعمال ڪري هو بلوچستان جي سردارن کي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ڪري ۽ بلوچستان مان ڪجهه قومي اسيمبلي جون سيٽون کڻندو ان سان گڏوگڏ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب مان به ڪجهه سيٽون حاصل ڪري بلاول ڀٽو کي ايندڙ سيٽ اپ ۾ وزير اعظم بڻائيندو پر ميان نواز شريف جهڙي طرح سياست ۾ متحرڪ ٿي چڪو آهي ۽ پوري ملڪ مان ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جي آشيرواد سان آزاد حيثيت م چوڌرين، جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي مسلم ليگ ن ۾ شامل ڪرائي آصف علي زرداري جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. سياست تي گهري نظر رکندڙ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان به ڪافي وڏيرا پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ وارا آهن جيڪڏهن  ان ڳالھه ۾ وزن آهي ته اها صورتحال پيپلزپارٽي لاءِ  تمام هاڃيڪار ثابت ٿيندي

هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصل موضوع جي طرف ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي ملڪ جي ڪافي سياسي پارٽين ليول پلينگ فيلڊ نه ڏيڻ جي واويلا شروع ڪري ڇڏي آهي. ليول پلينگ فيلڊ جي اگر اسان انگلش ۾ تشريح ڪنداسين ته مطلب اهو نڪرندو. A situation in which everyone has same chance of succeeding. يعني اھڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جيئن ملڪ جي هر هڪ سياسي جماعت کليل طرح سان پنهنجي اليڪشن مهم هلائي سگهي ۽ غير جانبداري جو مظاهرو ڪري سڀني سياسي جماعتن کي هڪ جهڙي سهولت فراهم ڪئي وڃي. ڪافي سياسي پارٽين جو موقف آهي ته صرف مسلم ليگ ن کي اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل حمايت حاصل آهي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ 2018 جي اليڪشن ۾ اها ساڳي سهولت پي ٽي آءِ کي ميسر هئي ۽ عمران خان ان وقت جي فوجي قيادت جي اکين جو تارو ۽ لاڏلو هيو ائين محسوس ٿيندو هو ته اليڪشن جو ميدان صرف هڪ شخص يعني عمران نيازي لاءِ  سجايو ويو هجي 2018 جي اليڪشن ۾ نه صرف پاڪستان جي وڏي پارٽي جي اڳواڻ ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو هو پر جڏهن عمران نيازي ان وقت جي فوجي قيادت سان انگل ڪيو ته جيستائين ميان نواز شريف کي جيل ۾ قيد نه ڪيو ويندو پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ ڪامياب نه ٿيندي، سندس اهو انگل به پورو ڪيو ويو ۽ ميان نواز شريف کي ته جيل ۾ بند ڪيو ويو پر سندس نياڻي مريم نواز شريف کي پڻ جيل حوالي ڪيو ويو.

اسٽيبلشمينٽ نواز شريف ۽ زرداري کي اھو پيغام ڏنو آھي ته ليول پلينگ فيلڊ چاھيو ٿا ته پوءِ عمران خان وانگر جيل ۾ رھڻو پوندو.تڏھن ئي نواز شريف لنڊن ۾ ويھي پنجن ماڻھن جنرل باجوه ،جنرل فيض حميد، جسٽس ثاقب نثار، جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ مستقل جي چيف جسٽس اعجاز الحسن کان پلاند وٺڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.جڏهن ته راڻا ثنا الله مڃي چڪو آھي ته  عمران خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ  اسان جنرل باجوه  کان مدد ورتي ۽ بدلي ۾ کيس نوڪري جي مدي ۾ واڌ ڏني.جنھن مان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي ھٽرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ نيوٽرل نه ھئي.عمران خان جو موقف درست آھي. اسٽيبلشمينٽ عمران خان ۽ سندس پارٽي کي ڪچلڻ لاءِ  پي ڊي ايم جي ڀانمتي جي ڪنبي جي ھر جائز توڙي ناجائز مدد ڪئي پر عمران خان جي ڀرپور مزاحمت ۽ سگھه ختم نه ٿيڻ توڙي عالمي دٻاءُ ۽ مقبوليت سبب اسٽيبلشمينٽ به نواز شريف کي کتو جواب ڏنو ته ان کان وڌيڪ مدد نٿي ٿي سگھي. فوج به سمجھي ٿي ته عمران خان جو جنرل باجوه  ۽ جنرل عاصم منير خلاف شڪايتون ته جائز آھن پر نواز شريف وارن کي اقتدار به ڏياريوسين.ڪيس به ختم ٿيا.نواز شريف کي سزا ھوندي پوءِ به ملڪ مان ڀڄايوسين ان باوجود نواز شريف سابق ۽ حاضر سروس ججن ۽ جنرلن کان پلاند وٺڻ جون ڌمڪيون ٿو ڏئي تنھنڪري شھباز شريف مٿان دٻاءَ وڌو ويو ته ڀاءُ کي سمجھاءِ نه ته سٺو نه ٿيندو.ھاڻ جيئن اليڪشن جو اعلان ٿيو آھي.عمران خان لاءِ  به ماحول سازگار ٿئي پيو ۽ خبرون آھن ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان سان ڳالھيون شروع ڪري ڇڏيون آھن.عمران خان وٽ عوامي مقبوليت آھي جنھن سبب کيس رڳو ايتري ڍر ملي ته ھو جلسا ڪري ۽ گھمي ڦري سگھي تڏھن به سندس ڪم ٿيو پيو آھي.ھو وڌ ۾ وڌ اھو چاھي ٿو ته فوج زرداري ملان ۽ نواز ڪرپٽ ٽولي مان ھٿ ڪڍي نيوٽرل ٿئي.

ايندڙ اليڪشن ۾ سياسي پارٽين سواءِ مسلم ليگ (ن)جي اهو موقف آهي ته ليول پلينگ فيلڊ جي لاءِ  ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار هجي، فوج، ڳجهيون ايجنسيون، پوليس، ۽ سموري انتظاميه جو اليڪشن ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي ڏانهن جهڪاءُ نه هجي، ميڊيا مڪمل طور تي آزاد هجي هر ووٽر کي پنهنجي پسنديده اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي پوري آزادي هجي، پولنگ واري ڏينهن هر ووٽر کي بنا ڪنهن خوف جي پولنگ اسٽيشن تي پهچڻ ڏنو وڃي، پولنگ ۾ ويٺل مختلف سياسي پارٽين جي ايجنٽن کي مڪمل تحفظ مهيا ڪيو وڃي.

هاڻي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو اهو موقف به سامهون اچي ويو آهي ته پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي پارٽين کي ليول پلينگ فيلڊ ڏني وڃي جڏهن ته 2018 جي ايڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي جيڪا سهولت ڏني وئي هئي، جهڙي طريقي سان مسلم ليگ ن جي اميدوارن کان بندوق جي زور تي پارٽي ٽڪيٽون واپس ڪرايون ويون هيون ملڪ جي مختلف علائقن مان اليڪٽيبلز کي جهڙي طرح زور زبردستي سان پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو ويو هو ۽ آخر آر ٽي ايس سسٽم کي ويهاري جهڙي طرح پي ٽي آءِ کي کٽرايون ويو هيو اهو تاريخ جو حصو آهي. ڪراچي ۾ جهڙي طرح سان ايم ڪيو ايم جي کٽيل سيٽن تي پي ٽي آءِ کي مسلط ڪيو ويو اهو به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي۔

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي آل پارٽيز ڪانفرنس جي پليٽ فارم تي گهرائي هڪ پوائنٽ تي متفق ٿي ڪري هڪ گڏيل لائحه عمل جوڙي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن پُرامن جمهوري حڪومت وجود ۾ اچي ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي۔

ليول پلينگ فيلڊ جي لاءِ  ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور آزاد ۽ خودمختيار هجي، فوج، ڳجهيون ايجنسيون، پوليس، ۽ سموري انتظاميا جو اليڪشن ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي ڏانهن جهڪاءُ نه هجي، ميڊيا مڪمل طور تي آزاد هجي هر ووٽر کي پنهنجي پسنديده اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي پوري آزادي هجي، پولنگ واري ڏينهن هر ووٽر کي بنا ڪنهن خوف جي پولنگ اسٽيشن تي پهچڻ ڏنو وڃي، پولنگ ۾ ويٺل مختلف سياسي پارٽين جي ايجنٽن کي مڪمل تحفظ مهيا ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.