بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان اڄ پنهنجي 60هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، جڏهن ته هن پنهنجي ڪاميابي ۽ شهرت جو ڪريڊٽ عورتن ۽ فلمي هيروئنز کي ڏنو آهي.
هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي شاهه رخ خان چيو ته مان پنهنجي والدين کي ننڍپڻ ۾ ئي وڃائي ڇڏيو منهنجي زندگي ۾ عورتن خاص طور اداڪارائن تمام گهڻو ساٿ ڏنو، اڄ مان جيڪو ڪجهه به آهيان انهن جي ڪري ئي آهيان، محنت اهي ڪنديون آهن پر ڪريڊٽ مون کي ملندو آهي، ڇو ته مان شاهه رخ خان آهيان.
هن مثال ڏيندي چيو ته ماڌوري ڊڪشت رقص ڪرڻ ۾ مون کي ليڊ ڪيو، جوهي چاولا مون کي ڪاميڊي ٽائمنگ سيکاري، ڪاجول مون کي روئڻ سيکاريو پر فلمن جي آخر ۾ نالو منهنجو ورتو ويندو آهي، اڄ مان جتي آهيان اهو عورتن جي ڪري آهيان.
سندس چوڻ هو ته اهي هر فلم ۾ شاندار ڪم ڪنديون آهن ۽ مان سدائين انهن جو ٿورائتو رهندس، خواهش آهي ته اهي به ان مقام تي پهچن، جتي مان پهتو آهيان، ڇو ته اهو انهن جو حق آهي.
You might also like