بابر اعظم ان ئي فارم ۾ رهيو ته اسان کي ورلڊ ڪپ به کٽرائي سگهي ٿو: سلمان آغا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته بابر اعظم ان ئي فارم ۾ رهيو ته اسان ورلڊ ڪپ به کٽي سگهون ٿا.
ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کٽڻ کانپوءِ ڳالهائيندي سلمان علي آغا چيو ته خساري ۾ وڃڻ باوجود سيريز کٽڻ هاڪاري رهيو، ڪوشش آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ بهترين ڪامبينيشن تيار ڪري وٺون.
هن چيو ته مان به بابر اعظم جي بيٽنگ جو مداح آهان، بابر اعظم اهو شخص آهي جيڪو پاڪستان کي ورلڊ ڪپ تائين پهچائي سگهي ٿو، بابر اعظم جي فارم ۾ واپسي تي هر ڪنهن کي خوشي آهي.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم ورلڊ ڪلاس رانديگر آهي، جيڪڏهن هو ان ئي فارم ۾ بيٽنگ ڪندو رهيو ته اسان کي ورلڊ ڪپ به کٽرائي سگهي ٿو.
سلمان علي آغا چيو ته اسان کي سريلنڪا ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻو آهي، ان حساب سان تياري ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.