لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم ڏکڻ آفريقا خلاف شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪيو آهي.
بابر اعظم ايڪس تي لکيو ته شڪرگذار آهيان جو مان ٻيهر اهو ئي ڪري رهيو آهيان، جيڪو مون کي پسند آهي، انهن سڀني جا ٿورا، جن خاموشي جي وقت ۾ مون تي يقين رکيو.
هوڏانهن ميچ کانپوءِ ڪپتان سلمان علي آغا سان گفتگو ڪندي بابر اعظم چيو ته مان شوقينن ۽ ٽيم جي اميدن تي پورو نه پئي لٿس پر هاڪاري رهيس ۽ محنت جاري رکي.
You might also like