اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ 210 رپيا ڪلو ٿي وئي.
سرڪاري دستاويز موجب گذريل هڪ هفتي ۾ کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 12 پيسا في ڪلو لاٿ ٿي ۽ هن وقت ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري في ڪلو قيمت 188 رپيا 69 پيسا آهي.
پر ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ 210 رپيا ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي ۽ پشاور جا شهري سڀ کان وڌيڪ مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
گذريل هڪ هفتي دوران سرگوڌا ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 23 رپين تائين واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 200 رپيا ڪلو ٿي وئي، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کنڊ 5 رپين تائين مهانگي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ في ڪلو کنڊ 195 رپيا ۽ ڪراچي ۾ 200 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
اهڙي ريت اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به کنڊ 200 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.
You might also like